ٽي 20 ورلڊ ڪپ: ٻئي سپر اوور ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڏکڻ آفريقا افغانستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ ڊي جي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا افغانستان کي ٻئي سپر اوور ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ڇڏي آھي.

ميچ برابر ٿيڻ بعد سپر اوور ۾ افغانستان پھرين بيٽنگ ڪندي 17 رنس ٺاھيون، جنھن جي جواب ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم بہ 17 رنسون اسڪور ڪيون.

ان کانپوءِ ھڪ ٻيو سپر اوور کيڏيو ويو جنھن ۾ پھرين بيٽنگ ڪندي ڏکڻ آفريقا 23 رنس ٺاھيون ۽ کٽڻ لاءِ افغانستان کي 24 رنس جو ھدف ڏنو.

ھدف حاصل ڪرڻ لاءِ افغانستان جي ٽيم 6 بالن ۾ 19 رنس ٺاھي سگھي ۽ اھڙي طرح پروٽيز ھي ميچ چئن رنسن تان پنھنجي نالي ڪري ورتي.

ان کان پھرين احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ افغانستان ٽاس کٽي ڏکڻ آفريقا کي پھرين بيٽنگ جي دعوت ڏني ھئي، ڏکڻ آفريقا پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنس ٺاھيون، رائن ريڪلٽن 61 ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ 59 رنس ٺاھي اڳڀرا رھيا، ٻنھي اوپنرن 114 رنس جي ڀائيواري قائم ڪئي.

افغانستان پاران عظمت اللھ عمرزئي 3، ڪپتان راشد خان 2 ۽ فضل الحق فاروقي ھڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ھدف حاصل ڪرڻ لاءِ پوري افغان ٽيم 20 ھين اوور ۾ 187 رنس تي آئوٽ ٿي وئي ۽ ميچ برابر ٿي ويو.

افغانستان پاران رحمان اللھ گرباز 7 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 42 بالن تي 87 رنس جي دونھاندار اننگز کيڏي، جڏھن تہ عظمت اللھ عمرزئي 22 ۽ راشد خان 20 رنس ٺاھي سگھيا، ڏکڻ آفريقا پاران لنگي نگيڊي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون،……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں