بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي تہ افغانستان طرفان ٽي ٽي پي جي سرپرستي ختم ٿيڻ تائين پاڪستان جا انهن سان لاڳاپا ڪڏھن بہ معمول تي نٿا اچي سگهن.
خانگي ٽي وي چينل سال ڳالهائيندي خواجہ آصف چيو تہ افغانستان سان ٿيندڙ ڳالهين بابت گذريل رات هڪ عبوري معاهدو طئي ٿيو آهي.
خواجہ آصف چيو تہ قطر ۽ ترڪي جي ٽياڪڙي ۾ افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عبوري معاهدي جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جڏھن تہ ڳالهين جو ايندڙ دور 6 نومبر تي ٿيندو، جنهن ۾ معاهدي جو طريقيڪار طئي ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو تہ پاڪستان جو سڀ کان وڏو مطالبو اهو آهي تہ افغان سرزمين تان پاڪستان ۾ دراندازي بند ڪئي وڃي، اها دراندازي اڄ بہ ڪنهن نہ ڪنهن صورت ۾ جاري آهي، مان سڄي افغان حڪومت تي الزام نہ ڏيندس، پر ان جي پٺڀرائي ۾ افغان حڪومت جا ڪيئي ماڻهو شامل آهن.
بچاءَ واري وزير موجب، افغانستان طرفان ڀڃڪڙيون ٿي رھيون آهن ۽ اسان ان جو جواب بہ ڏئي رھيا آهيون.
هن چيو تہ في الحال جنگبندي برقرار آهي ۽ ان کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، معاهدي جي نگراني ۽ تصديق لاءِ هڪ ميڪينزم طئي ٿيڻ ضروري آهي تہ جيئن سڀئي ڌريون ان تي عمل ڪن.
خواجہ آصف چيو آھي تہ خاص طور تي افغان پاسي کان ڪا بہ ڀڃڪڙي نہ ٿئي ۽ سندن سرپرستي ۾ رھندڙ ماڻهو پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن.
خواجا آصف چيو تہ مطالبو آهي تہ جيڪڏهن پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان گڏ رھڻو آهي تہ ٽي ٽي پي جي سرپرستي مڪمل طور بند ٿيڻ لازمي آهي، ٻي صورت ۾ افغانستان سان لاڳاپا معمول تي نہ اچي سگهندا.
هن چيو تہ 6 نومبر تي استنبول ۾ ورڪنگ گروپ جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ ميڪينزم جي شڪل واضح ٿيندي، اسان لاءِ ٽياڪڙي ڪرائيندڙ قطر ۽ ترڪي سان لڳ لاڳاپا عزيز آهي ۽ چاهيون ٿا تہ انهن جون ڪوششون ڪامياب ٿين.
خواجا آصف چيو تہ مطالبو آهي تہ معاهدي جي عملي صورت سامهون اچي، ٿوري اڳڀرائي بہ ٿي آهي، پر جيستائين دراندازي مڪمل طور بند نہ ٿيندي، معاهدي جو ڪو اثر نہ ٿيندو.
ان کانسواءِ خواجا آصف چيو ته ملڪي سلامتي وارن معاملن تي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جا بيان مايوس ڪندڙ آهن، سندس بيان قومي سلامتي جي خلاف آهن، هو هڪ شخص جي هدايتن تي هلڻ چاهين ٿا، پر ”نيازي لا“ تحت حڪومت هاڻي نه هلندي.