ڪولمبو: آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان فهيم اشرف جي شاندار بيٽنگ سبب دلچسپ مقابي کانپوءِ نيڌرلينڊ کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪولمبو ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيڌرلينڊ پاران ڏنل هدف ۾ پاڪستان پاران صاحبزادہ فرحان ۽ صائم ايوب اننگز جي شروعات ڪئي، پر 27 رنز جي مجموعي تي صائم ايوب 13 بالن تي 24 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، صائم ايوب پنهنجي اننگز دوران 4 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو هنيو.
ڪپتان سلمان علي آغا بہ 53 رنز جي مجموعي تي 12 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، صاحبزادہ فرحان 46 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، عثمان خان ٻڙي تي بولڊ ٿي ويو.
ٻنهي بيٽسمينن کي پال وين ميڪرِين هڪ ئي اوور ۾ آئوٽ ڪيو، ٻئي اوور ۾ وين ڊر مرفي بابر اعظم کي ڪيچ آئوٽ ڪيو.
محمد نواز 13 بالن تي 6 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏھن تہ شاداب خان 12 بالن تي 8 رنز ٺاهي پويلين واپس ٿيو.
ان کان پھرين ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي نيڌرلينڊ کي پھرين بيٽنگ جي دعوت ڏني.
نيڌرلينڊ جي ٽيم بيٽنگ ڪندي 147 رنز تي آخري اوور ۾ آل آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان پاران سلمان مرزا 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏھن تہ صائم ايوب، ابرار احمد ۽ محمد نواز 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون، ھڪ وڪيٽ شاھين آفريدي حاصل ڪئي…..