ٽي ملڪي سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان، بابراعظم ۽ محمد رضوان  آئوٽ!

فہرستِ مضامین

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ٽي ملڪي سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بابراعظم، محمد رضوان ۽ نسيم شاھ کي شامل ناھي ڪيو ويو.

سلمان علي آغا کي 17 رڪني اسڪواڊ جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو، جڏھن تھ فخر الزمان، شاھين شاھھ آفريدي، حارث رئوف ۽ صائم ايوب اسڪواڊ کي شامل ڪيو ويو آھي.

خوشدل شاھ، محمد حسين طلعت، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، محمد حارث ابرار احمد، حسن علي، حسن نواز، صاحبزادھ فرحان، سلمان مرزا ۽ صفيان مقيم اسڪواڊ جو حصو آھن.

ٽي ملڪي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان قومي ٽيم جي ھيڊ ڪوچ مائيڪ ھيسن ۽ ڊائريڪٽر ھاءِ پرفارمينس عاقب جاويد ڪيو.

افغاستان خلاف ميچز وڏو چئلينجز قرار

قومي ٽيم جي ھيڊ ڪوچ مائيڪ ھيسن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ شارجا ۾ کيڏڻ چئلينج ھوندو آھي،  اھڙي صورتحال ۾ افغانستان کي ھلڪو نٿو وٺي سگھجي، افغانستان خلاف کيڏڻ چئلينج ھوندو آھي ۽ رھندو.

ھن چيو تھ ھو ٽي ملڪ سيريز لاءِ سٺي تياري ڪندا ڇو تھ ان سان کين ايشيا ڪپ لاءِ گھڻو ڪجھ سکڻ لاءِ ملندو.

ڊائريڪٽر ھاءِ پرفارمينس عاقب جاويد چيو ته ھي ھڪجھڙو گروپ ئي آھي جيڪو کيڏي رھيو آھي اميد ته اھي رانديگر اڳتي بھ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا.

بابر ۽ رضوان کي اسڪواڊ ۾ شامل ڇو نه ڪيو ويو؟

ڊائريڪٽر ھاءِ پرفارمينس عاقب جاويد چيو تھ بابراعظم ويسٽ انڊيز خلاف پھرين ميچ ۾ سٺو کيڏيو، پر کيس ڪجھ شيون بھتر ڪرڻ جو چيو ويو آھي.

ھن چيو ته بابراعظم ۽ محمد رضوان ان کان اڳ ٽن سيريز ۾ نه ھئا، اھي ٻئي ٻين رانديگرن وانگر کيڏندا تھ کين شامل ڪيو ويندو.

عاقب جاويد چيو تھ ڪنھن بھ رانديگر کي ٻن يا ٽن ميچز جي بنياد تي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ واري ڳالھ درست ناھي.

بابراعظم ۽ محمد رضوان لاءِ ٽيم جا دروازا ھميشھ لاءِ بند ناھن ٿيا: عاقب جاويد

پريس ڪانفرنس دوران ھڪ سوال جي جواب ۾ عاقب  جاويد چيو تھ بابراعظم ۽ محمد رضوان لاءِ ٽيم جا دروازا ھميشھ لاءِ بند ناھن ٿيا.

سندس چوڻ ھو تھ ھو اسڪواڊ جي اعلان کان اڳ ھر پاسي کي ڏسندا آھن، بابراعظم ۽ محمد رضوان ٻيھر ٽيم ۾ واپس اچي سگھن ٿا، ٻئي رانديگرن جيڪڏھن بھتر ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندا تھ کين ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.

صائم ايوب، صاحبزادھ فرحان ۽ فخر الزمان جي واکاڻ

ڊائريڪٽر ھاءِ پرفارمينس عاقب جاويد اسٽار بيٽر صائم ايبو، صاحبزادھ فرحان ۽ فخر الزمان جي واکاڻ ڪئي آھي.

لاھور ۾ پريس ڪانفرنس دوران عاقب جاويد چيو ته ٽنھي رانديگرن جي تمام گھڻي بھتر آھي، ڪنھن کي بھ سندن اسڪواڊ ۾ شموليت تي شڪ نھ ھجڻ گھرجي.

ٽي ملڪي سيريز ۽ ايشيا ڪپ ڪڏھن شيڊيول آھن؟

پاڪستان افغانستان ۽ يو اي اِي جي ٽي ملڪي سيريز 29 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين شارجا ۾ کيڏي ويندي، جڏھن تھ ايشيا ڪپ 9 کان 27 سيپٽمبر تائين ابوظھبي ۽ دبئي ۾ کيڏيو ويندو، ٽي ملڪي سيريز لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو پريڪٽس سيشن جلد ٿيندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں