راولپنڊي پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر، سيمابيه طاهر خلاف عوام کي مذهبي بنيادن تي ڀڙڪائڻ، بدامني ۽ نفرت پکيڙڻ توڙي فوجي اهلڪارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جهڙن الزام هيٺ دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.
ان سلسلي ۾ سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته سيمابيه طاهر هڪ مذهبي جماعت (تحريڪ لبیڪ پاڪستان) جي مريدڪي ۾ ٿيندڙ احتجاج جو حوالو ڏيندي نه صرف “دهشتگردي ڪاررواين ۾ ملوث ٽي ايل پي جهڙي جماعت جي همٿ افزائي ڪئي” پر تقرير ذريعي خوف ۽ دهشت پکيڙڻ جهڙا سنگين ۽ خطري وارا جملا ڳالھائي ڏوھ ڪيا آهن.
ايف آءِ آر موجب، 14 آڪٽوبر تي راولپنڊي جي اڊياله روڊ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گڏ ٿيا ۽ انهن ‘عوامي اسيمبلي’ جي نالي سان اجتماع ڪيو.
ان اجتماع دوران سيمابيه طاهر تقرير ڪندي چيو: “جيئن توهان اسانجي ملڪ ۾ ماڻهن تي ظلم ڪيو آهي، جيئن انهن جي لاشن تي توهانجي فوجين، پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن بوٽ رکي بي حرمي ڪئي آهي، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. توهان اڄ تائين پاڪستان لاءِ ڪجھ ناهي ڪيو… توهان 17 جون، 25 مئي، 26 نومبر ۽ پوءِ سومر تي گولي ڇو هلائي.؟
ايف آءِ آر موجب، سيمابيه طاهر جي تقرير جو متن انتهائي سنگين ۽ جذباتي نوعيت جو آهي، ۽ هن ڄاڻي واڻي هڪ مذهبي جماعت جي مريدڪي ۾ ٿيندڙ پرتشدد اجتماع جو حوالو ڏئي نه صرف ٽي ايل پي جي همٿ افزائي ڪئي پر مذهبي ۽ فرقہ واراڻه نفرت ۽ تعصب کي ھٿي ڏني، جنهن سان مذهبي بنيادن تي عوام جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف وڌيڪ دهشتگردي حملن جا خدشا وڌي ويا آهن.
ايف آءِ آر ۾ سيمابيه طاهر تي وڌيڪ الزام آهي ته هن “قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوج ۽ ٻين ادارن کي عوامي نفرت ۽ ڪاوڙ جو نشانو بڻايو ۽ خاص طور فوجي جوانن کي رياست پاڪستان سان وفاداري نه ڪرڻ تي ڀڙڪايو ۽ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو.”