ڪراچي: سنڌھاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ ميئر ڪراچي تہ چيو ھو اسان لائن ذريعي پاڻي فراھم ڪنداسين؟
سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ اورنگي ٽائون واسي شھري پاران پاڻي نہ ملڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت ڪراچي واٽر ڪاررپوريشن جي سپرنٽنڊنٽ کان سوال ڪيو تہ ماڻھن کي پاڻي ڇو نہ ڏئي رھيا آھيو؟ درخواستگذار جي گھر تائين پاڻي پھچايو.
ڪراچي واٽر ڪاررپوريشن جي وڪيل ٻڌايو تہ لائينيون پراڻيون آھن، بجلي جي لوڊشيڊنگ بہ آھي، جنھن تي جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ چيو تہ لائنيون ٺاھيو، ڪجھ خرچ تہ عوام تي بہ ڪيو، سپرنٽنڊنٽ عدالت کي ٻڌايو تہ کين پٺيان کان بہ پاڻي گھٽ ملي رھيو آھي.
جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ سوال ڪيو تہ پوءِ ٽينڪر وارن کي پاڻي ڪٿان پيو ملي؟ ٽينڪر وارا پوري ڪراچي کي پاڻي پھچائي رھيا آھن، جڏھن ٽينڪرزن ذريعي پاڻي ملي رھيو آھي تہ لائن ذريعي ڇو نہ ڏنو پيو وڃي؟ ان جو مطلب پاڻي موجود آھي پر لائين ذريعي نہ پيو ڏنو وڃي.
واٽر ڪارپوريشن جي سپرنٽنڊنٽ ٻڌايو تہ ٽينڪرز وارا غيرقانوني ھائيڊرنٽس کان بہ پاڻي وٺندا آھن.
عدالت چيو تہ قانوني ھجي يا غيرقانوني، شھرين کي پاڻي گھرن تائين ملڻ گھرجي، ٽينڪر سسٽم بند ڪيو، ماڻھن کي لائنز ذريعي پاڻي ڏيو، ٻئي صورت ۾ ھن درخواست تي سخت فيصلو ڏينداسين……….