ٽنھي صوبن مان افغانين کي نيڪالي ڏني پئي وڃي، پر ڪي پي ۾ انھن کي تحفظ ڏنو پيو وڃي: محسن نقوي

فہرستِ مضامین

لاھور: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي افغان اسان جا مهمان هئا، پر هاڻي اسان جا مهمان ناهن رھيا، افغان شهرين کان درخواست آهي تہ هو پاڻ عزت سان واپس هليا وڃن، سڄي ملڪ مان افغان شھرين کي هر صورت واپس موڪليو ويندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو تہ ڪجهه ڏينهن اڳ جن ماڻهن ايف سي تي حملو ڪيو، اهي ٽئي افغاني نڪتا، اسلام آباد ڪورٽ ۾ حملو ڪندڙ بہ افغان شهري هو، ملڪ ۾ جيترا بہ حملا ٿي رھيا آهن، انهن ۾ افغاني ملوث آهن.

هن چيو تہ سڄي ملڪ مان غيرقانوني افغان شهرين جي نيڪالي جاري آهي، غيرقانوني افغان پناهگيرن کي واپس موڪلي رھيا آهيون، هر صورت غير قانوني افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻو آهي.

محسن نقوي چيو تہ غير قانوني افغان پناهگيرن کي درخواست آهي تہ هو پاڻ عزت سان پنهنجي ملڪ هليا وڃن، جيڪڏھن ڪنهن کي موڪليو ويو ۽ هو واپس آيو تہ پوءِ کيس گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي، خيبر پختونخوا ۾ افغان ڪئمپون ختم ڪري رھيا آهيون.

هن چيو تہ اسان کي واضح طور تي ڄاڻ آهي تہ دهشتگردي جي پٺيان ڪير آهي ۽ ڪير ڪرائي رھيو آهي، افغان طالبان حڪومت دهشتگردن کي لگام ڏئي

محسن نقوي چيو تہ ٽنهي صوبن مان غير قانوني افغان شهرين کي ڪڍيو پيو وڃي، پر خيبر پختونخوا ۾ کين تحفظ ملي رھيو آهي، سياست ڀلي ڪريو، پر جتي قومي سلامتي جي ڳالهہ اچي ٿي، اتي ڪو بہ صوبو پنهنجي پاليسي ٺاهي نٿو هلي سگهي، ايئن نٿو ٿي سگهي تہ قومي سلامتي واري معاملي تي جيڪو دل ۾ اچي اهو ڪيو وڃي، ايئن نہ هلندو ۽ نہ ئي ان جي اجازت ڏينداسين.

گهرو وزير چيو تہ سوشل ميڊيا تي 90 سيڪڙو خبرون غلط هلن ٿيون، ايئن نٿو ٿي سگهي تہ جيڪو دل ۾ اچي اهو سوشل ميڊيا تي هلايو وڃي، سوشل ميڊيا تي غلط خبر تي ڪريڪ ڊائون ٿيندو.

هن چيو تہ قومي ميڊيا تي غلط خبر نشر ڪرڻ تي پيمرا نوٽيس ڏئي ٿو، ڪوڙيون خبرون پکيڙيندڙ صحافي ناهن، اظھار جي آزادي آھي،  پر جعلي خبرون پکيڙڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

محسن نقوي چيو تہ سوشل ميڊيا تي ڪنهن جي تذليل جي اجازت نہ ڏينداسين، قومي سلامتي واري معاملي تي ڪا بہ سوديبازي نہ ٿيندي، ڪو لنڊن ۾ ويهي بڪواس ڪري رھيو آهي تہ ادارن ۾ فلاڻو مسئلو هلي رھيو آهي، جيڪڏهن توھان وٽ ثبوت آهن تہ سامهون آڻيو.

هن چيو تہ جيڪي ماڻهو ٻاهر ويٺل آهن، کين ٻڌائڻ چاهيان ٿو تہ توھان واپس اچي رھيا آهيو، تمام جلد توھان کي هتي آڻينداسين ۽ سڀني ڳالهين جو جواب ڏيڻو پوندو.

هن چيو تہ اسان ٽي وي چئنلز کي ڇو غلط نٿا چئون، ڇو تہ اَهي هڪ سسٽم تحت هلن ٿا، جيڪڏھن ڪو ٽي وي چئنل غلط خبر هلائي ٿو تہ ان تي ڏنڊ لڳي ٿو، جيڪي ڪوڙيون خبرون پکيڙي رھيا آهن انهن خلاف ڪارروائي ضرور ٿيندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو تہ آئين ۾ هڪ شيءِ ٿي آهي، هڪ نئون ادارو بڻجي رھيو آهي، هڪ بٽڻ دٻائڻ سان ڪم ناهي ٿيندو، سسٽم ٺهڻ ۾ وقت لڳندو آهي، ايئن ناهي تہ بس بٽڻ دٻايو ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ ڪم ٿي وڃي……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں