آمريڪي شهر نيو يارڪ سٽي جي ميئر شپ لاءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ مسلمان اميدوار ظهران ممداني ميدان ماري ورتو.
آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مسلمان اميدوار اهو عهدو حاصل ڪيو آهي، غير سرڪاري نتيجن موجب ظهران ممداني 10 لک 24 هزار 794ووٽ کڻي اڳتي رھيو، جڏھن تہ سندس مخالف نيويارڪ جي اڳوڻي گورنر اينڊريو ڪوومو 8 لک 47 هزار 200 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.
ظهران ممداني ڪاميابي کانپوءِ ووٽرن کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو تہ هو نيو يارڪ کي هڪ اهڙو شهر بڻائيندو، جتي هر هڪ جي آجيان ڪئي وڃي، نيو يارڪ ۾ هاڻ اسلامو فوبيا جي ڪا گنجائش ناهي.
هن چيو تہ اڄ خوف جي شڪست ۽ اميد جي فتح ٿي آهي، نيويارڪ ۾ موروثي سياست جو خاتمو ٿي ويو آهي، هي شهر توھان جو آهي، جمهوريت بہ توھان جي آهي ۽ مستقبل توھان جي هٿن ۾ آهي.
آمريڪي صدر کي مخاطب ٿيندي ظهران ممداني چيو تہ مون کي خبر آهي توھان ڏسي رھيا آهيون، تنهنڪري آواز اوچو ڪيو، جنهن تي هجوم نعريبازي شروع ڪئي.