واشنگٽن : ٽرمپ انتظاميہ پاران پاڪستان سميت 75 ملڪن لاءِ اميگرنٽ ويزا جو ڪم معطل ڪرڻ وارو فيصلو آمريڪي عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي۔
شهري حقن جي تنظيمن جي هڪ گروپ نيويارڪ جي عدالت ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي خلاف درخواست داخل ڪرائي آھي .
درخواست ۾ چيو ويو آهي تہ ٽرمپ انتظاميه جي پاليسي اميگريشن قانون جي ڏھاڪن تي ٻڌل مستحڪم بنيادن کي سخت نقصان پهچائي رھي آهي، عدالت کان مطالبو آهي تہ ٽرمپ انتظاميہ جي ويزا پاليسي روڪڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو وڃي۔
ياد رھي تہ ٽرمپ انتظاميه پاران اميگرنٽ ويزن جي پروسيسنگ روڪڻ جو فيصلو 21 جنوري کان لاڳو آهي۔.
جن ملڪن جي اميگرنٽ ويزن جي پروسيسنگ معطل ڪئي وئي آهي، انهن ۾ پاڪستان سان گڏ افغانستان، البانيا، الجزائر، آرمينيا، آذربائيجان، بنگلاديش، بيلاروس، ڀوٽان، بوسنيا سميت ٻيا ملڪ پڻ شامل آهن۔…