لائیو ٽرمپ پاران ايران ۾ تباھ ٿيل جھاز جي پائلٽ کي بازياب ڪرائڻ جي تصديق

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۾ تباھ ٿيل ويڙھاڪ جھاز ايف 15 جي ويپن آفيسر کي ريسڪيو ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آھي تہ سندن بھادر ڪرنل ھڻاي مڪمل طور محفوظ آھي.

سوشل ميڊيا پليٽفارم تي پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ قوم کي خطاب ڪندي چيو تہ گذريل ڪجهہ ڪلاڪن دوران آمريڪي فوج تاريخ جي سڀ کان وڏن سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشنز مان هڪ مڪمل ڪيو، جنهن ۾ هڪ بهادر ڪرنل کي دشمن جي علائقي مان بحفاظت واپس آندو ويو۔

ٽرمپ موجب اهو سپاهي ايران جي خطرناڪ جبلن ۾ دشمن جي علائقي جي پٺيان ڦاٿل هو، جتي دشمن سندس ڳولا ڪري رھيا هئا ۽ هر گذرندڙ لمحي سان ويجهو اچي رھيا هئا

ھن چيو تہ ڪمانڊر تي سندس ڪمانڊر اِن چيف، سيڪريٽري جنگ، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جا اعليٰ عملدار ۽ ساٿي فوجي 24 ڪلاڪ سندس لوڪيشن تي نظر رکي رھيا هئا ۽ سندس بحفاظت واپسي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رھيا هئا۔

صدر وڌيڪ چيو تہ سندس حڪم تي آمريڪي فوج دنيا جي خطرناڪ هٿيارن سان ليس ڪيترائي جهاز موڪليا تہ جيئن ميمبر کي واپس آڻي سگهجي۔ آپريشن دوران اهو بهادر ڪرنل زخمي بہ ٿيو، پر اميد آهي تہ هو جلد صحتياب ٿي ويندو۔

ٽرمپ دعويٰ ڪئي تہ فوجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻن آمريڪي پائلٽن کي الڳ الڳ دشمن جي گهري علائقي مان بحفاظت ٻاهر ڪڍيو ويو آهي ۽ آمريڪا ڪڏھن بہ پنهنجي ڪنهن بہ سپاهي کي اڪيلو نہ ڇڏيندو۔

هن وڌيڪ چيو تہ ٻئي آپريشنز بنا ڪنهن جاني نقصان يا زخمي ٿيڻ جي مڪمل ٿيا، جيڪو هن ڳالهہ جو ثبوت آهي تہ آمريڪا ايران جي حدن تي مڪمل ھوائي برتري حاصل ڪري چڪو آهي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں