( ماسڪو ) آمريڪا ۽ روس وچ ۾ يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي روس کان تيل خريد ڪندڙ ملڪن تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ واري ڌمڪي کانپوءِ آمريڪا جو خاص نمائندو اسٽيوِ وٽڪوف اھم دوري تي روس پھچي ويو آھي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان دوري کان ھڪ ڏينھن اڳ ڌمڪي ڏني ھئي تھ روس يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ لاءِ جمعي تائين راضي نھ ٿيو تھ آمريڪا روس کان تيل خريد ڪندڙ وڏن ملڪن تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري سگھي ٿو، روس کان تيل خريد ڪندڙ سڀ کان وڏا ملڪ ڀارت ۽ چين آھن.
چين جو اھڙي ڌمڪي تي رد عمل ڪو نھ آيو ھو پر ڀارتي حڪومت رد عمل ۾ چيو ھو تھ روس کان تيل خريد ڪرڻ سندن مجبوري آھي، يوڪرين جنگ کانپوءِ سپلاءِ چين متاثر ٿي آھي، ان ڪري ھو روس کان تيل خريد ڪري رھيا آھن.
ڀارت، روس کان سمنڊ وسيلي خام تيل خريد ڪندڙ ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي، جنوري کان جون 2025 تائين، ڀارت روزانو لڳ ڀڳ 1.75 ملين بيرل روسي تيل خريد ڪيو، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي.
پيوٽن سان ملاقات
ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص نمائندي اسٽيوِ وٽڪوف ماسڪو ۾ روس جي صدر ولادمير پيوٽن سان ملاقات ڪري مختلف مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، روسي ميڊيا ھڪ وڊيو جاري ڪئي آھي، جنھن ۾ روسي صدر ۽ آمريڪي صلاحڪار ھڪٻئي سان ھٿ ملائيندي نظر اچي رھيا آھن.
جيتوڻيڪ ان ملاقات کانپوءِ ميِڊيا بريفنگ ناھي ڏني وئي نھ ئي روس جي صدارتي ھائوس ڪريملن پاران ڪا پڌرائي جاري ڪئي وئي آھي پر عالمي ليول تي ھن ملاقات کي وڏي اھميت ڏني پئي وڃي، ڇو تھ ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين روس جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڏنل مھلت ۾ باقي 2 ڏينھن وڃي بچيا آھن.
ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي
گذريل ڏينھن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ھڪ بيان جاري ڪندي ڌمڪي ڏني ھئي تھ روس يوڪرين سان جنگ ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان قدم نھ وٺي رھيو آھي، ان ڪري ھو جلد روس کان تيل خريد ڪندڙ ملڪن تي 100 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيرف لاڳو ڪري سگھي ٿو.
ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏيڻ سان گڏ روس کي روڪرين سان جنگ ختم ڪرڻ لاءِ 10 آگسٽ جمعي تائين جي ڊيڊلائن پڻ ڏني ھئي پر روسي صدر ولادمير پيوٽن آمريڪي ڌمڪي کي کنگھيو ئي نھ، جنھن بعد اوچتو آمريڪي صلاحڪار وڃي ماسڪو پھتو آھي.
روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ ڪڏھن شروع ٿي؟
روس ۽ يوڪريني فوج وچ ۾ جنگ 3 سال اڳ 24 فيبروري 2022 تي ان وقت شروع ٿي ھئي، جڏھن روسي صدر ولادمير پيوٽن پنھنجي فوج کي يوڪرين تي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو.
ھيءَ جنگ پاڪستان ۾ ھن وقت ان ڪري گھڻو بحث ھيٺ آئي ھئي تھ جڏھن روس يوڪرين تي حملو ڪيو ھو تھ ان وقت پاڪستان جو وزيراعظم عمران خان سرڪاري دوري تي روس ۾ موجود ھو ۽ سندس روسي صدر ولادمير پيوٽن سان ملاقات بھ ٿي ھئي.
روس جي دوري جي تقريبن ٻن مھينن کانپوءِ اپريل 2022 ۾ اپوزيشن جي جماعتن بي اعتمادي رٿ ذريعي عمران خان جي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو ھو.