واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص نمائندگي اسٽيو وٽڪوف جي ايراني بادشاهہ جي جلاوطن پٽ رضا پهلوي سان ڳجهي ملاقات جو انڪشاف ڪيو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب ويڪ اينڊ تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ايران ۾ احتجاج جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي خابرو ادارن جو چوڻ آهي تہ ايران ۾ پرتشدد مظاهرن کانپوءِ ايراني حڪومت مخالف شخصيت ۽ ٽرمپ انتظاميا وچ ۾ اها پهرين اعليٰ سطحي ملاقات هئي.
ان کان اڳ گذريل هفتي ٽرمپ اشارو ڏنو هو ته هو پهلوي سان ملڻ جو ارادو نٿو رکي.
واضح رھي تہ ايران جي آخري بادشاهہ جي جلا وطن پٽ رضا پهلوي ايران ۾ مهانگائي خلاف جاري احتجاج ۾ شدت آڻڻ لاءِ سڄي ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي هئي ته اهي روڊن تي نڪرن….