آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران تي حملي وڌائڻ واري اعلان کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شديد ٻاڙائي جو رجحان جاري آھي.
خميس ڏينهن ڪاروبار جي شروعات کان ئي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سخت ٻاڙائي ڏسڻ ۾ اچي رھي آهي، جتي شروعاتي مرحلي ۾ ئي 100 انڊيڪس 3763 پوائنٽس سان گهٽجي 151748 تي اچي ويو۔
ڪاروبار دوران مارڪيٽ ۾ وڌيڪ منفي رجحان ڏسڻ ۾ آيو ۽ 100 انڊيڪس 4088 پوائنٽس جي گھٽتائي سان 151423 تي پهچي ويو آھي۔
پي ايس ايڪس جو 100 انڊيڪس 2.63 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي۔
واضح رھي تہ گذريل ڏينهن ڊونلڊ ٽرمپ ايران جنگ مان جلد نڪرڻ وارو بيان ڏيڻ کانپوءِ مارڪيٽ ۾ وڏي تيزي ڏسڻ ۾ آئي هئي۔…..