لنڊن ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) وزيراعظم شھباز شريف چيو آھي تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خاطري ڪرائي آھي تہ ھو پاڪستان سان اقتصادي ۽ تجارتي شعبن ۾ ڀرپور سھڪار ڪندو.
لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي، گذريل ڪجھ مھينن کان آمريڪا سان لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام آيو آھي، اسان تجارت ۽ سيڙپڪاري، آئل اينڊ گيس ايڪسپوريشن تي ڳالھيون ڪيون، مائينز اينڊ منرلز سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري تي بہ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آھي.
وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ ھُن ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻڌايو تہ ڀارت سان اسان جي جيڪا روايتي جنگ ھئي، اھا کٽي ورتي آھي، اوھان وقت تي مداخلت نہ ڪيو ھا تہ ڳالھ وڌي وڃي ھا، خبر ناھي ڇا ٿئي ھا، ان ڪري اسان اوھان کي نوبيل انعام لاءِ نامزد ڪيو آھي.
غزا ۾ جنگبندي ڪرايو،اوھان کي دعائون ملنديون
ھن جو چوڻ ھو تہ ٽرمپ کي ٻڌايو تہ اوھان ٻين ملڪن وچ ۾ جنگيون ۽ تڪرار ختم ڪرايا، اھو اوھان جو وڏو قدم آھي، اسان جي دعا آھي تہ اوھان ڪامياب ٿيو، غزہ ۾ جنگبندي سان اوھان کي ڪيتريون ئي دعائون ملنديون.
وزيراعظم وڌيڪ چيو تہ گڏيل قومن ۾ ڪشمير جي آزادي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو، حق جي جنگ ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي، دشمن کي اھڙو سبق سيکاريو جو سڄي ڄمار ياد رکندو، اسان پاڪستان جي پاڻي تي بہ کلي ڳالھايو آھي.
فيلڊ مارشل سان مشاورت ڪندو آھيان
شھباز شريف ٻڌايو تہ اللھ تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان 24 ڪروڙ عوام جي دعائن سان پاڪستان ڀارت خلاف جنگ کٽي فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ ايئر چيف مارشل ظھير احمد بابر سڌو جي قيادت ۾ ملڪي دفاع لاءِ پاڪستان جي بھادر جوانن پنھنجي پيشوراڻي مھارت ۽ عزم جو مظاھرو ڪيو، اسان جي جوانن ملڪ جو دفاع ڪري ثابت ڪيو تہ ايٽمي قوت پاڪستان روايتي ۽ غير روايتي وار فيئر ۾ سرسي رکي ٿو.
وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ مان ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ھر قومي ۽ عالمي مامري تي مشاورت ڪندا آھيون، اخلاق سان گڏجي ڪم ڪندا آھيون، اڳتي بہ حڪومت ۽ ادارن وچ ۾ ڀائيچارو برقرار رھيو تہ پاڪستان دنيا ۾ وڌيڪ اُڀري سامھون ايندو.
سعودي عرب سان دفاعي معاھدو
ھن چيو تہ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڏھاڪن کان ڀائراڻو رشتو آھي، جنھن کي اسان دفاعي معاھدي جي صورت ۾ باضابطہ بڻايو، ان جو مقصد ڪنھن ھڪ ڌر تي حملو ٻنھي تي حملو تصور ھوندو، ٻئي ملڪ گڏجي حڪمت عملي ٺاھيندا ۽ ان تي عمل ڪندا، اھا پاڪستان ۽ سعودي عرب جي عوام جي پراڻي خواھش ھئي، ھر مسلمان جي خواھش آھي تہ اھو مڪي ۽ مدينڳ پاڪ جي حفاظت لاءِ وڙھي مرڻ لاءِ تيار آھي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو تہ اسان طاقت حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ شامل نہ آھيون، اسان پاڪستان مان غربت، بيروزگاري جو خاتمون چاھيون ٿا، سيڙپڪاري، زراعت، مائينز اينڊ منرلز جي شعبن جي ذريعي خوشحالي آڻڻ لاءِ سرگرميون آھيون، پنھنجي نوجوانن کي آءِ ٽي، اي آءِ ۽ زراعت ۾ جديد تربيت ڏينداسين تہ انقلاب ايندو ۽ ان تي ئي اسان جو ڌيان آھي.
امتياز مير جو موت گوليون لڳڻ بعد ساھ کڻڻ جي تڪليف سبب ٿيو: پوسٽ مارٽم رپورٽ
اپ ڊيٽ ٿيل خبر
ميرپورخاص: پوليس تحويل ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي، اڳوڻو ايس ايس اسد علي اشتهاري ڏوهاري قرار، جوابدارن پاران دائر آئيني پٽيشن 23 اي تي ڌرين جا دلائل مڪمل، ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي
ميرپورخاص ۾ عمرڪوٽ جي رھواسي ڊاڪٽر شاھنواز جو پوليس تحويل ۾ قتل ٿيل ڪيس جي ٻڌڻي دھشتگردي انت واري عدالت ۾ ٿي، جنهن ۾ 23 نامزد جوابدارن مان 12 ڄڻا پير عمرجان سرھندي. اڳوڻو ايس ايس عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ. اڳوڻو سي آء اي انچارج عنايت زرداري. اڳوڻو ايس ايچ او سنڌڙي نياز احمد کھوسو. اڳوڻو ڊي آء بي انچارج دانش ڀٽي. اڳوڻو ميڊيڪل آفيسر سول اسپتال ڊاڪٽر منتظر مھدي. ڪانسٽيبل امان الله. ڪانسٽيبل معشوق. ڪانسٽيبل شاھ محمد. ڪانسٽيبل نواب علي. ڪانسٽيبل عارف علي. ڪانسٽيبل نديم احمد. عبوري ضمانت تي. جڏھن تـ اڳوڻو سب انسپيڪٽر سي آء اي ھدايت الله ناريجو. ڪانسٽيبل نادر. ڪانسٽيبل غلام قادر. ڪانسٽيبل فرمان. ڪانسٽيبل عطا الله. الله جڙيو. سميت 6 ڄڻا گرفتار جوابدار عدالت آڏو پيش ٿيا ۽ اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌھري اسد علي پاران پيش نه ٿيڻ تي معزز عدالت سيڪشن 87 تحت ڪارروائي ڪندي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏيندي اخبارن ۾ اشتهار ڏيڻ سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان کان اڳ واري ٻڌڻي تي عدالت سيڪشن 88 تحت ڪارروائي ڪندي اڳوڻو ڊي آء جي ميرپورخاص جاويد سونھارو جسڪاڻي. ڪانسٽيبل لکھمير. اڳواڻي ايس ايس عمرڪوٽ جي ريڊر سب انسپيڪٽر عبدالستار سمون. ڪانسٽيبل محمد صديق کي عدالت آڏو پيش نه ٿيڻ تي کين مفرور ڏوهاري قرار ڏيندي سندن ملڪيتون منجمد ڪرڻ ۽ گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي چڪي آهي، جڏھن تھ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي آھي.
ان ڏس ۾ عدالت ٻاھران ڳالھائيندي ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي فريادي ڌر جي ايڊووڪيٽ مير احمد منڱريو چيو ته دهشتگردي ايڪٽ 23 اي 1997 تي اسان پنهنجا دلائل مڪمل ڪري ورتا آھن، دلائل ۾ اسان جوابدار ڄاڻايل پير عمر جان سرهندي پاران عمرڪوٽ ۾ سندس ڪيل تقرير جو حوالو ڏنو جنهن هو چوي ٿو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي پوليس گرفتار نه ڪيو ته اسان وٽ ممتاز قادري جي بندوق اڃان موجود آهي جيڪو دهشتگردي ڪرڻ واري عمل جو اشارو هو، جوابدار پير عمر جان سرهندي جي اهڙي تقرير کان پوء انتظامي ادارا پڻ دٻاء هيٺ اچي ويا ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي پوليس ڪراچي مان گرفتار ڪري عمرڪوٽ وٺي وڃڻ بدران ميرپورخاص وٺي آئي ۽ پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي قتل ڪري ڇڏيو،
ياد رھي گذريل سال عمرڪوٽ جي رھواسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر مٿان عمرڪوٽ جي تعلقي ٿاڻي تي توھين مذهب جي ايف داخل ٿيل ھئي. جنهن بعد عمرڪوٽ پوليس ڊاڪٽر شاھنواز کي ڪراچي مان گرفتار ڪرڻ بعد ميرپورخاص پوليس حوالي ڪيو. 19 سيپٽمبر 2024 تي ميرپورخاص پوليس سنڌڙي ٿاڻي جي حد سبزل ڪانٽي اسٽاپ تي رات جو ھڪ وڳي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعوي پڻ ڪئي. ڊاڪٽر شاھنواز جي وارثن ۽ سول سوسائيٽي وڪيل محمد ابراھيم ڪنڀر جي فرياد تي سنڌڙي ٿاڻي تي ايف آء آر 47 داخل ڪرائي ۽ ڪيس سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ ميرپورخاص جانچ ايف آء اي حوالي ڪئي ۽ ڪيس کي دھشتگردي جي انت واري عدالت منتقل ڪري ڇڏيو.