ٽرمپ آرمينيا ۽ آذر بائيجان ۾ تاريخي معاھدو ڪرائي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

آذر بائيجان ۽ آرمينيا جي سربراھن وائيٽ ھائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽياڪڙي ھيٺ ٿيل گڏجاڻي دوران تاريخي امن معاھدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آھن.

معاھدي تحت ٻئي ملڪ ڏھاڪن کان جاري تڪرار نبيرڻ لاءِ راضي ٿي ويا آھن، آذر بائيجان جي صدر الھام عليوف ۽ آرمينيا جي وزيراعظم نيڪول پشينيان سان ملاقات ڪئي، جنھن دوران جنگبندي معاھدي تي صحيحون ڪيون ويون.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻنھي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل مڪمل جنگبندي ۽ امن واري معاھدي تي گواھ طور صحيح ڪئي.

پاڻ ۾ جنگ نه پر تجارت ڪيو

ڊونلڊ ٽرمپ معاھدو طئي ٿيڻ بعد ٻنھي ملڪن جي حڪومتي سربراھن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وڏي عرصي کان مون کي ان معاھدي جو انتظار ھو، ان سان ٻنھي ملڪن وچ ۾ ٽرانسپورٽ جا اھم رستا ٻيھر کلي ويندا.

ٽرمپ چيو تھ ٻنھي ملڪن وچ ۾ تاريخي امن معاھدي ۽ لاڳاپن جي بحاليءَ سان خطي ۾ آمريڪا جي اثررسوخ ۾ بھ اضافو ٿيندو. ٻئي ملڪ ھڪ وڏي جنگ ڏانھن وڃي رھيا ھئا، مون ھنن کي چيو ته پاڻ ۾ جنگ نھ پر تجارت ڪيو.

آمريڪي صدر چيو تھ جنگبندي جي معاھدي کانپوءِ ھاڻي ٻنھي ملڪن وچ ۾ تجارت، ٽيڪنالاجي، اي آءِ ۽ ٻين شعبن ۾ سھڪار جا معاھدا بھ ٿيندا، ٻنھي ملڪن آئنده جنگ نھ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي.

ٽرمپ چيو تھ روس ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ ھر ھفتي ھزارين فوجي ماريا پيا وڃن، روس ۽ يوڪرين جي سربراھن سان جلد ملاقاتون ڪندس، مان جنگيون نه پر امن ۽ تجارت چاھيان ٿو، مون پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ به جنگ روڪرائي ھئي.

آمريڪي صدر چيو ته آذر بائيجان ۽ آرمينيا 35 سالن تائين ھڪ ٻئي سان وڙھندا رھيا آھن پر ھاڻي ھو دوست آھن ۽ ڊگھي عرصي تائين دوست رھندا.

اڄ تاريخي ڏينھن آھي: آذر بائيجان جو صدر

آذر بائيجان جي صدر الھام عليوف چيو تھ اڄ تاريخي ڏينھن آھي، امن لاءِ ھڪ نئون دڳ کليو آھي، آذر بائيجان ۽ آرمينيا ۽ ھاڻي ذميواري سان اڳتي وڌندا، اسان آمريڪا سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري شروع ڪرڻ وڃي رھيا آھيون.

الھام عليوف وڌيڪ چيو تھ اڄ اسان قافقار ۾ امن قائم ڪري رھيا آھيون، اسان جنگين، قبضن ۽ رتوڇاڻ ۾ ڪيترائي سال ضايع ڪري ڇڏيا.

آرمينيا جي وزيراعظم نيڪول پشينيان چيو تھ صدر ٽرمپ سموري دنيا ۾ امن جي لاءِ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي، ھن ٻنھي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل امن معاھدي کي تاريخي ۽ اھم موڙ قرار ڏنو.

آذر بائيجان ۽ آرمينيا ۾ تڪرار جو پسمنظر

آذر بائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ 1980 واري ڏھاڪي کان سرحدي علائقي نگورنو ڪارا باخ تي قبضي جو تڪرار ھلي رھيو ھو، ٻنھي ملڪن وچ ۾ 1980 ۽ 1990 وارن ڏھاڪن ۾ ان تڪرار تان ھڪ ٻئي سان جنگيون بھ وڙھيون.

نگورنو ڪاراباخ آذر بائيجان جو نسلي طور آرمينيائي علائقو آھي، جتي جنگين کانپوءِ بھ پرتشدد واقعا پيش ايندا رھيا آھن.

سوويت يونين کان آزادي ماڻيندڙ ٻنھي رياستن ۾ 6 سالن تائين جاري رھندڙ جنگ 1996 ۾ ختم ٿي ھئي، آرمينيا  ڪاراباخ جي وڏي حصي تي قبضو ڪيو، پر 2020 ۾ آذر بائيجان ٻيھر ڪجھھ حصن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو ھو.

آڪٽوبر 2023 ۾ آذربائيجان پاران نگورنو ڪاراباخ ۾ ٻيھر آپريشن شروع ڪيو ويو، جنھن ڪري علائقي جا علحدگي پسند بي ھٿيار ٿيڻ لاءِ مجبور ٿيا ۽ ھنن آذر بائيجان سان الحاق ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو.

روس جو اثررسوخ گھٽجڻ لڳو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنھنجي ٻئي مدي واري حڪومتي دور ۾ ھڪ ٻئي سان جھيڙيندڙ ملڪن وچ ۾ امن معاھدا ڪرائي مختلف خطن ۾ آمريڪي اثر رسوخ وڌائڻ جون ڪوششون ڪري رھيو آھي.

ڊونلڊ ٽرمپ آذر بائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ ڏھاڪا پراڻي دشمني ختم ڪرائي اھو ثابت ڪيو آھي تھ ھن خطي ۾ بھ آمريڪا پنھنجو اثر رسوخ وڌائڻ ۾ ڪامياب رھيو آھي. روس جو خطي ۾ اثر رسوخ گھٽجي رھيو آھي.

روس ھن خطي ۾ ھڪ صديءَ کان بھ وڌيڪ عرصي تائين طاقت ۽ امن جو ضامن رھيو آھي، ويجھڙائي وارن سالن ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن آذر بائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ جاري تڪرار دوران پاڻ کي مک ثالث طور پيش ڪيو ھو.

عليوف ۽ پشينيان وچ ۾ آخري معاھدو روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي ٽياڪڙيءَ ھيٺ طئي ٿيو ھو.

ماسڪو آذر بائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ ٿيندڙ امن ڳالھين ۾ پنھنجي قومي مفادن تي ٻڌل تجويزون ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻنھي ملڪن روسي تجويزن کي ڇڏي آمريڪي حل کي ترجيح ڏني.

پاڪستان ۽ ٻين ملڪن پاران آذر بائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ تاريخي معاھدو طئي ٿيڻ جي آجيان ڪئي وئي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں