آمريڪي صدر چيو آهي تہ ٻڌڻ ۾ آيو آهي تہ ايراني سپريم ليڊر مجتبیٰ خامنہ اي ھن دنيا ۾ ناھي رھيو پر سپريم ليڊر جي موت جي خبر افواهه بہ ٿي سگهي ٿي۔
صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ بيان ۾ دعويٰ ڪئي تہ آمريڪا ايران کي فوجي ۽ معاشي طور مڪمل شڪست ڏئي ڇڏي آهي، جڏھن تہ تہ خارگ ٻيٽ جو وڏو حصو مڪمل طور تباهہ ڪيو ويو آهي ۽ ممڪن آهي تہ تفريح لاءِ خارگ ٻيٽ تي ڪجهہ وڌيڪ حملا به ڪيا وڃن۔
صدر ٽرمپ چيو تہ ايران آبنائي هرمز ۾ بارودي سرنگھون وڇايون آهن يا نہ، اهو اڃا واضح ناهي۔
آمريڪي صدر اهو بہ چيو تہ آبنائي هرمز مان تيل کڻندڙ ملڪ ان رستي جي سيڪيورٽي پاڻ يقيني بڻائين، آمريڪا انهن ملڪن سان گڏ سامونڊي گذرگاھ جي تحفظ لاءِ سھڪار ڪندو، ڇو تہ اھا هميشہ گڏيل ڪوشش هجڻ گهرجي ۽ هاڻي دنيا امن ۽ استحڪام ڏانهن وڌندي۔
آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي تہ ايران تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، پر هن وقت تائين ايران طرفان پيش ڪيل شرطون قبول ناھن ڪيون.
ياد رھي تہ گذريل ڏينهن آمريڪي صدر چيو هو تہ سندس هدايت تي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ايران جي فوجي هدفن ۽ خارگ ٻيٽ تي وچ اوڀر جي تاريخ جا سڀ کان طاقتور حملا ڪيا هئا۔
صدر ٽرمپ چيو تہ ڪجهہ سببن جي ڪري هن ٻيٽ جي تيل جي بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪرڻ جو حڪم نہ ڏنو، پر جيڪڏھن ايران يا ڪو ٻيو ملڪ آبنائي هرمز ۾ مداخلت ڪندو تہ هو فوري طور پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري سگهي ٿو۔…..