پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽن ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ سڀاڻي آمريڪا جي شھر لاڊرل ھل ۾ کيڏي ويندي، پھرين ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيريز ۾ ھڪ ٻڙي تان سرسي حاصل ڪري چڪو آھي.
پاڪستان جي ٽيم ۾ ڪپتان سلمان علي آغا، ابرار احمد، فھيم اشرف، حارث رئوف، حسن علي، حسن نواز، حسين طلعت، خوشدل شاھ، محمد حارث، محمد نواز، صاحبزادھ فرحان، صائم ايوب، شاھين شاھ آفريدي ۽ سفيان مقم شامل آھن.
ويسٽ انڊيز ٽيم جي قيادت شي ھوپ ڪري رھيو آھي، ٻين رانديگرن ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ايلڪ اٿينزي، ڪيڪ ڪارٽي، روسٽن چيس، ميٿيو فورڊ، جيسن ھولڊر، عقيل حسين، شمر جوزف ۽ شيرفن رٿرفورڊ شامل آھن.
ٽن ميچز تي ٻڌل سيريز جي پھرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 14 رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ھڪ ٻڙي تان سرسي حاصل ڪئي ھئي.
پھرين ميچ ۾ پاڪستان ڪاميابي ماڻي ھئي
آمريڪا جي شھر لائوڊرھل ۾ کيڏي ويل پھرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٽاس کٽي پھريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني ٽيم پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽس جي نقصان تي 178 رنز ٺاھيون ھيون.
پاڪستان پاران اوپنر صائم ايوب شاندار بيٽنگ ڪندي 38 بالز تي ٻن ڇڪن ۽ پنجن چوڪن جي مدد سان 57 رنز ٺاھيون ھيون، فخر الزمان 28، حسن نواز 24 ۽ فھيم اشرف 15 رنز اسڪور ڪيو. ويسٽ انڊيز جي شيمر جوزف 4 اوورز ۾ 30 رنس عيوض چئن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جيسن ھولڊر، عقيل حسين روماريو شيفرڊ ھڪ ھڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽس جي نقصان تي 164 رنز ٺاھي سگھي.
ويسٽ انڊيز جي اوپنرز شاندار شروعات ڪئي ۽ ٽيم کي 72 رنز جو آغاز فراھم ڪيو پر محمد نواز ھڪ ئي اوورز ۾ ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪري ميچ جو پاسو بدلائي ڇڏيو. ويسٽ انڊيز پاران جانسن چارليس ۽ جيول اينڊريو 35-35 رنز ٺاھي نمايان رھيا، جيسن ھولڊر 30 ۽ شيمر جوزف 21 رنز ٺاھي ناٽ آئوٽ رھيا. پاڪستان پاران محمد نواز ٽن ۽صائم ايوب ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، شاھين شاھھ آفريدي ھڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستان جي اوپنگ بيٽسمين صائم ايوب کي آل رائونڊر ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
پاڪستان ويسٽ انڊيز خلاف 21 ٽي ٽوئنٽي ميچز مان 15 ۾ ڪاميابي ماڻي چڪو
پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ھيل تائين 21 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏيون ويون آھن، جن مان پاڪستان کي 15 ميچز کٽي چڪو آھي. ٽي ٽوئنٽي ايونٽ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاڪستان خلاف ڪا خاص ڪارڪردگي جو مظاھرو ناھي ڪيو، 21 ميچز مان ويسٽ انڊيز رڳو 3 ميچز کٽيون آھن، باقي ٽي ميچز بنا نتيجي ختم ڪيون ويون ھيون.پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سيريز جي آخري ۽ فيصلائتي ميچ 4 آگسٽ تي کيڏي ويندي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ ٽن ميچز تي ٻڌل ون ڊي سيريز بھ رٿيل آھي، پھرين ون ڊي ميچ 8 آگسٽ تي جمعي ڏھاڙي ٽرائوبا ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏي ويندي، سيريز جي ٻي ميچ 10 آگسٽ ۽ ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 12 آگسٽ تي کيڏي ويندي. ويسٽ انڊيز خلاف سيريز کانپوءِ پاڪستان گڏيل عرب امارتن ۽ افغانستان خلاف ٽھ ملڪي سيريز کيڏندو، ٽھ ملڪي سيريز جون سموريون ميچز گڏيل عرب امارتن جي شھر شارجھ کيڏيون وينديون.