ٻيھر جارحيت جي صورت ۾ ڀارت کي پھريان کان وڌيڪ شدت سان جواب ڏنو ويندو، طالبان پاڪستان خلاف پنھنجي سر زمين استعمال ٿيڻ کان روڪين: فيلڊ مارشل

فہرستِ مضامین

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آھي تہ طالبان کي پاڪستان تي حملي لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪندڙ پراڪسيز کي لغام وجھڻ گھرجي، ڀارت کي خبردار ڪيان ٿو تہ نيوڪليئر انوائرمينٽ ۾ ٻنھي ملڪن لاءِ جنگ جي گنجائش ناھي.

پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 152 هين پي ايم اي لانگ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو تہ آپريشن بنيان المرصوص  قوم جو پاڪستان فوج تي اعتماد وڌيڪ مضبوط ڪيو آھي.

پاڪستان آپريشن بنيان المرصوص  ۾ پاڻ کان عددي برتري ۾ وڏي دشمن خلاف واضح برتري ۽ فتح سبب عالمي برادري ۾ وقار ۽ داد حاصل ڪيو آھي.

آئندھ ڇڪتاڻ وڏي تباھي آڻيندي

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آھي تہ آئندھ ڇڪتاڻ خطي ۽ خطي کان ٻاھر تباھي آڻيندي، جنگ ۾ ناڪامي کانپوءِ ڀارت رياستي سرپرستي ۾ فتنہ الخوارج ذريعي پاڪستان ۾  دهشتگردي کي اسپانسر ڪرڻ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آھي.

فيلڊ مارشل عاصم منير چيو تہ آپريشن بنيان مرصوص ۾ قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان فولادي ڀت وانگر بيٺل ھئي، اسان پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏئي وار فيئر ۾ برتري حاصل ڪئي ۽  ڀارت جا رافيل جھاز تباھ ڪري ڇڏيا.

فيلڊ مارشل عاصم منير چيو تہ اللھ تعاليٰ جي مدد ۽ قوم جي حمايت سان سرحدن جي دفاع ۾ ڪامياب ٿيا آھيون، الله ۽ قوم جي مدد سان پنهنجي زمين جي هڪ انچ به قبضو نه ٿيڻ ڏينداسين.

افغان طالبان لاءِ پيغام

فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان امن پسند ماڻهن جو ملڪ آهي، افغان طالبان کي پنهنجي سرزمين کي دهشتگردي خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻ گهرجي، فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي، هٿياربند فوج، قوم جي حمايت سان، وطن جي ٻاهرين ۽ اندروني دفاع ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي.

آپريشن معرڪہ حق ۾ پاڪستان دشمن جي ڪيترن ئي ايئر بيسز کي نشانو بڻايو ۽ دشمن جي جديد دفاعي نظام ايس-400 سسٽم کي بھ تباھ ڪري ڇڏيو، پاڪستان مختلف جنگي مھارتن جو استعمال ڪندي دشمن کي ڳرو نقصان پھچايو.

ان کان اڳ فيلڊ مارشل پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ لانگ ڪورس، ٽيڪنيڪل ڪورس، ليڊي ڪيڊٽ ڪورس ۽ انٽيگريٽيڊ ڪورس مڪمل ڪندڙ فوجين کي اعزازن سان پڻ نوازيو.

پاسنگ آئوٽ جي پروقار تقريب ۾ نوجوان ڪيڊٽس شاندار مارچ پاسٽ ڪيو، پاس  آئوٽ ڪيڊٽس جي حلف برداري پڻ ٿي.

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ بابر ڪمپني کي قائد اعظم ايوارڊ سان نوازيو.

پاس آئوٽ ٿيل ۾ 40 دوست ملڪن جا ڪيڊٽس پڻ شامل آهن، جن ۾ عراق، مالديپ، مالي، نيپال، فلسطين، سريلنڪا، يمن، نائيجيريا ۽ بنگلاديش شامل آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں