سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آھي تھ ڪچي جي علائقي ۽ سامونڊي پٽيءَ ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڌاڙيل ھٿيار ڦٽا ڪرڻ چاھين تھ قانون تي عمل ڪيو ويندو.
ڪراچي ۾ ڪچي جي علائقن جي مانيٽرنگ لاءِ جوڙيل ڪميٽيءَ جو پھريون اجلاس صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت ھيٺ ٿيو.اجلاس ۾ ڪچي جي صورتحال، آپريشنز جي تفصيلن ۽ حڪومت جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ايڊيشنل آءِ جي آپريشنز بريفنگ ۾ ٻڌايو تھ ڌاڙيلن خلاف يقيني ڪاميابين لاءِ پوليس کي جديد اوزارن، ھٿيارن ۽ محفوظ گاڏين جي فوري ضرورت آھي، ڪچي جي علائقن ۾ چيڪ پوسٽن تي سھولتن کي وڌيڪ بھتر ڪرڻو پوندو.
ان موقعي تي صوبائي گھرو وزير چيو تھ اسان پھريان دير ڪري ڇڏي ھئي، ان ڪري ڌاڙيلن خلاف آپريشن مڪمل نھ ٿي سگھيو ھو، اسان کي ھر حال ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن کي ڪاميابي سان ختم ڪرڻو پوندو.
ضياءُ الحسن لنجار چيو تھ ھٿيار ڦٽا ڪرڻ يا پاڻ کي قانون جي حوالي ڪرڻ بابت قانون واضح آھي، ڌاڙيل يا انھن جو ڪو ٽولو پر امن طور ھٿيار ڦٽا ڪرڻ چاھين ٿا تھ قائدا ۽ ضابطھ مشروط آھن.
گھرو وزير جو چوڻ ھو تھ ستن مھينن دوران ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن موثر انداز ۾ رھيو، دادو، مورو، لاڙڪاڻو خيرپور پل ٺھڻ سان ڏوھن ۾ گھٽتائي ايندي، جلد گھوٽڪي ڪشمور پل جي اڏاوت جو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو، جنھن سان پڻ علائقي ۾ ڏوھن ۾ گھٽتائي ايندي.