ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ آيل سعودي عورت تي فارن ايڪٽ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو

فہرستِ مضامین

ڪراچي جي مقامي عدالت فارن ايڪٽ جي ڪيس ۾ نور فاطمه تي فردِ جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن عورت پاران ڏوھ مڃڻ کان انڪار ڪيو آھي.

ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت استغاثہ جي شاھدن کي 23 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آھي.

وڪيل صفائي جو موقف آهي ته سعودي عورت نور فاطمه پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ آئي هئي، جتي ميزبان فيملي سندس رقم، پاسپورٽ ۽ موبائل فون ڦري ورتو ۽ مٿس زيور چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو هو۔

وڪيل جو چوڻ آهي ته چوري جي ڪيس مان جوابدار عورت اڳ ۾ ئي بري ٿي چڪي آهي۔

جاچ آفيسر چيو ته سعودي قونصل خاني اڃا تائين نور فاطمه جي سعودي شهريت جي تصديق ناهي ڪئي، جڏهن ته فارن ايڪٽ تحت سندس خلاف شاهراهِ فيصل ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں