اسلام آباد ( رپورٽ: فيصل جمن ڪنڀر ) وزيراعظم شھباز شريف ملڪ ۾ ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي لڳائڻ جو اعلان ڪندي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي پاليسي ٺاھڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شھباز شريف چيو تھ ٻوڏ سبب پنجاب ۾ وڏو نقصان ٿيو آھي، ھزارين ايڪرن تي بيٺل فصل تباھھ ٿيو، متاثر علائقن ۾ رليف ۽ ريسڪيو آپريشن جاري آھي، پاڻي وھڪرا ھاڻي سنڌ جو رخ ڪندا، دعا آھي تھ سنڌ ۾ٻوڏ سبب وڌيڪ نقصان نھ ٿئي.
ھن چيو تھ زراعت ۾ جيڪو نقصان ٿيو آھي، ان لاءِ وفاقي وزير احسن اقبال جي ذميواري لڳائي آھي، ان جي سربراھي ۾ ھڪ ڪميٽي جوڙي رھيو آھيان، جنھن ۾ وفاقي سيڪريٽري، چئني صوبن جا سيڪريٽري ھوندا، ايندڙ ھفتي تفصيل سامھون ايندا تھ ٻوڏ سبب ڪيترو نقصان ٿيو آھي، ان حوالي سان ايندڙ اجلاسن ۾ تفصيل پيش ڪندس.
نقصان جو صوبن سان گڏجي ازالو ڪنداسين
وزيراعظم چيو تھ ڪابينا اڄ مشاورت کانپوءِ ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪري رھي آھي، جتي وفاق پنھنجو حصو شامل ڪري رھيو آھي، اتي صوبن کي بھ ذميواري ادا ڪرڻي پوندي، نقصانن جو گڏجي ازالو ڪنداسين.
ھن چيو تھ اسان پاڪ فوج جي قربانين جي ڪري آزاد ماحول ۾ ساھھ کڻي رھيا آھيون پر ڪجھھ ماڻھو سوشل ميڊيا تي ادارن ۽ شھيدن جي توھين ڪري رھيا آھن، جنھن جي جيتري مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي، ملڪ جي خلاف پروپئگينڊا ڪندڙ فتني جو مڪمل خاتمو اسان جي پھرين ترجيح آھي.
وزيراعظم چيو تھ اسان جو بھادر ميجر عدنان اسلم بنون ۾ دھشتگردن جو مقابلو ڪندي شھيد ٿيو، گذريل ڏينھن جي ايڇ ڪيو ۾ سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ مان بھ شرڪت ڪئي، سپھھ سالار فيلڊ مارشل عاصم منير بھ موجود ھو.
ھن چيو تھ جنازي نماز دوران اسان شھيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ھئي، سندس والد چيو تھ پٽ شھادت ڏني، جنھن تي مونکي فخر آھي، شھيد جي سھري بھ ناٺي جي قرباني تي فخر ڪيو.
شھباز شريف چيو تھ شھيدن جي ڀينرن کيس ٻڌايو تھ سندن ڀاءُ دلير ھو، ميجر عدنان اسلم عظيم راھھ ۾ قرباني ڏني، سندن ڀينر بھ قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھن، اھڙو جذبو ھڪ مثال آھي، رڳو ميجر عدنان نھ پر ڪيترائي سپاھي، لانس نائيڪ، ميجر، ڪرنل ۽ ٻين پنھنجي قربانين سان ھڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آھي.
سوشل ميڊيا تي زھريلي پروپئگينڊا جي مذمت
وزيراعظم وڌيڪ چيو تھ ڪجھھ ماڻھو ملڪ اندر زھريلي پروپئگينڊا ڪري رھيا آھن ۽ سوشل ميڊيا تي شھيدن جي قربانين ۽ ادارن جي توھين ڪري رھيا آھن، ان لفظن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي، اھا ناڪافي آھي.
ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو تھ اھو ئي جذبو آھي، جيڪو پاڪستان کي خوراج مان نجات ڏيارڻ لاءِ ضروري آھي، اسان جا جوان پنھنجي والدين ۽ ٻچن کي اھو ئي ويندا آھن تھ پنھنجي وطن جي دفاع لاءِ وڃي رھيا آھيون، انھن جي گھر وارن جي ڪيفيت کي سمجھڻ گھرجي.
وزيراعظم چيو تھ اسان جو فرض آھي تھ ملڪ خلاف زھريلي پروپئگنيڊا ڪندڙ فتني جو مڪمل خاتمو ڪيون، ڀلي اھي ملڪ ۾ ھجن يا سوشل ميڊيا تي پرڏيھي ملڪ ۾ آپريٽ ڪندا ھجن، سندن سڃاڻپ ڪئي وڃي، نفرت ڪارڊ قبول نھ آھي.
چين جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو تھ سندس چين جو دورو ڪامياب ٿيو، ان سلسلي ۾ فالو اپ انتھائي ضروري آھي، ڪنھن بھ قسم جي ڪوتاھي يا منصوبي ۾ دير برداشت نھ ڪندس.
وزيراعظم شھباز شريف پنھنجي خطاب ۾ قطر ۾ اسرائيل حملي جي مذمت ڪندي چيو تھ اسرائيل ظلم جي انتھا ڪيئ آھي، حملي جي جيتري مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي.