ٻاھران کنڊ گھرائڻ لاءِ ٽئڪسز 18 سيڪڙو مان گھٽائي 0.2 سيڪڙو ڪرڻ جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ کنڊ امپورٽ ڪرڻ لاءِ ٽئڪسز کي 18 سيڪڙو مان گھٽائي 0.2 سيڪڙو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي شگر ملز مالڪن جا تفصيل طلب ڪندي پڇاڻو ڪيو آھي تھ ٻڌايو وڃي تھ کنڊ امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڪنھن ڏني ۽ ڪنھن ڪنھن کنڊ امپورٽ ڪئي، اھو بھ ٻڌايو وڃي تھ ڪھڙي ڪھڙي ملڪ ڏانھن کنڊ ايڪسپورٽ ڪئي وئي ھئي.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين جنيد اڪبر جي صدارت ھيٺ ٿيو، ڪميٽي کي ملڪ ۾ کنڊ جي اگھن بابت بريفنگ ڏني وئي.

شگر مافيا صوبن جي ڪنٽرول ۾ ن آھي: معين پيرزاده

ڪميٽي جي ميمبر معين پيرزادھ چيو تھ شگر مافيا صوبائي حڪومتن جي ڪنٽرول ۾ نھ آھي، ڇا مريم نواز ۽ مراد علي شاھھ وٽ ھن مافيا خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار آھي؟

شگر ايڊوائيزري بورڊ ۾ سمورا مال وڪرو ڪندڙ موجود آھن پر عام واھپيدارن جي ڪا بھ نمائندگي نھ آھي.

ڪميٽي سوال ڪيو تھ ڪنھن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ ڪنھن ڪنھن ٻاھران کنڊ گھرائي ۽ اھو بھ ٻڌايو تھ ڪھڙن ملڪن ڏانھن کنڊ اماڻي وئي ھئي.

ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو تھ گذريل سال 7 لک ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪئي وئي، سيڪريٽري فوڊ سيڪيورٽي ٻڌايو تھ 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ امپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ھو، ھاڻي 3 لک ٽن کنڊ امپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آھي.

ڪميٽي جي چيئرمين چيو تھ توھان ھر فيصلو آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ ٿا ڪريو، ڇا کنڊ پيدا ڪندڙ سرمائيدارن کي تحفظ ڏيڻ جي اجازت بھ آءِ ايم ايف کان ورتي آھي؟

کنڊ پھرين ايڪسپورٽ ۽ پوءِ امپورٽ ڪرڻ جي منظوري ڪنھن ڏني؟

سيڪريٽري فوڊ سيڪيورٽي ٻڌايو تھ ھلندڙ سال 58 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ پيدا ٿي جيڪا کپت جي برابر آھي. ڪميٽي سوال ڪيو تھ پھرين کنڊ ايڪسپورٽ ۽ پوءِ کنڊ امپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪنھن جو ھو؟

سيڪريٽري فوڊ سيڪيورٽي ٻڌايو تھ کنڊ برآمد ۽ درآمد ڪرڻ جو فيصلو وفاقي وزير ڪيو ھو ۽ ڪابينا ان جي منظوري ڏني ھئي. ھن ٻڌايو تھ ھن وقت ملڪ ۾ کنڊ ريٽيل پرائيز 183 روپيا في ڪلو آھي.

ڪميٽي جي ميمبر نويد قمر چيو تھ حڪومت کي کنڊ جي اگھن ۾ مداخلت ڪرڻ بدران ڪارٽلز کي قابو ڪرڻ گھرجي، ڪامپيٽيشن ڪميشن ڇا ڪري رھي آھي؟ ملڪ ۾ کنڊ ۽ ڀاڻ جا وڏا ڪارٽيلز آھن، حڪومتي مداخلت سان ڪارٽيلز کي فائدو ٿيندو آھي.

ياد رھي تھ پي اي سي گذريل ھفتي حڪومتي فيصلي جي روشني ۾ کنڊ جي امپورٽ تي ٽئڪس ڇوٽ جي منظوري بابت ايف بي آر جي نوٽيفڪيشن جو نوٽيس وٺندي ايس آر او تي وضاحت لاءِ اڄ چيئرمين ايف بي آر کي طلب ڪيو ھو.

چيئرمين ايف بي آر راشد محمود لنگڙيال اڄ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آڏو پيش ٿي انڪشاف ڪيو تھ 5 لک ٽن کنڊ امپورٽ ڪرڻ لاءِ ڪابينا جي ھدايت تي چئن قسمن جي ٽئڪسز گھٽائي وئي، مختلف ٽئڪسز کي 18 سيڪڙو کان گھٽائي 0.2 سيڪڙو تائين آندو ويو.

ڪجھ شگر ملز مالڪن کي ارب پتي بڻائڻ لاءِ کنڊ ٻاھر اماڻي وئي: چيئرمين

سيڪريٽري فوڊ سيڪيورٽي اجلاس کي ٻڌايو تھ سيزن جي شروعات ۾ ملڪ اندر 1.3 ملين ٽن کنڊ جو ذخيرو موجود ھو، کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت آبادگارن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڏني وئي ھئي. سيڪريٽري فوڊ سيڪيورٽي جي رمارڪس تي ڪميٽي جي ميمبرن پاران ڳڻتيءَ جو اظھار ڪيو ويو.

چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جنيد اڪبر چيو تھ ڪجھھ شگر ملز مالڪن کي ارب پتي بڻائڻ لاءِ پھرين کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ھئي.

واضح رھي تھ وفاقي ڪابينا شگر ملز مالڪن پاران 21 نومبر 2024 کان پيداوار شروع ڪرڻ جي شرط تي وڌيڪ 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني ھئي.

بعد ۾ سموري ملڪ ۾ کنڊ جي اگھن ۾ اضافي کانپوءِ حڪومت گذريل مھيني 5 لک ٽن کنڊ امپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو پر حڪومت کي 50 ھزار ٽن کنڊ ٻاھران گھرائڻ لاءِ عالمي ٽينڊر تي ڪا بھ ٻولي نھ ملي سگھي ھئي.

کنڊ معاملي تي بحث ايندڙ ھفتي تائين ملتوي

وفاقي حڪومت جون کان آڪٽوبر 2024 دوران مجموعي طور 7 لک 50 ھزار ميٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني ھئي ۽ آخري ڀيرو آڪٽوبر ۾ 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ ٻاھر اماڻڻ جي منظوري ڏني وئي ھئي.

وفاقي حڪومت کنڊ جي ايڪسپورٽ وقت فيصلو ڪيو ھو تھ کنڊ جي ريزڪي قيمت 145 روپيا 15 پئسن کان وڌي وڃڻ تي کنڊ جي ايڪسپورٽ فوري طور روڪي ويندي، پر ڊسمبر 2024 کان فيبروري 2025 دوران کنڊ ايڪسپورٽ بھ ٿيندي رھي ۽ ان عرصي دوران کنڊ جون قيمتون بھ وڌنديون رھيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں