ٻانڌي کان بلوچستان تائين علي حسن زھري جو ذاتي،  سياسي سفر ۽ لاھا چاڙھا

فہرستِ مضامین

رپورٽ: فهميده رياض

بلوچستان جي تازي سياسي ڇڪتاڻ ۾ جيڪو نالو تيزي سان ڌيان حاصل ڪري رھيو آهي، اهو علي حسن زهري آهي، هو صوبي جي سياست ۾ هڪ تڪراري اڳواڻ سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو نہ رڳو ڪابينا جو حصو رھيو پر عدالتي فيصلن، پارٽي اختلافن ۽ بيانن سبب لڳاتار خبرن ۾ بہ رھيو۔

علي حسن زهري جو تعلق ڪٿان آهي؟

علي حسن زهري  سنڌ جي ضلعي نوابشاه جي علائقي ٻانڌي سان تعلق رکي ٿو، سندس اصل نالو علي حسن بروھي آهي، پر هو پنهنجي قبائلي سڃاڻپ لاءِ زهري ذات استعمال ڪري ٿو، سندس وڏا  بلوچستان جي ضلعي خاران سان تعلق رکندا هئا ۽ سندس خاندان جو بلوچستان جي صنعتي شهر حب ۾ بہ ڪاروبار موجود آهي۔

نوابشاهہ صدر آصف زرداري جو اباڻو ضلعو آهي، جتي سندس زرداري خاندان سان لاڳاپا بڻيا، جنرل پرويز مشرف جي دورِ حڪومت ۾ جڏھن آصف زرداري جيل ۾ هو تہ سندن ڀيڻ فريال ٽالپر ضلعي ناظم ٿي، ان وقت کان زرداري خاندان جي نوابشاهہ تي سياسي گرفت مضبوط ٿي۔

علي حسن زهري عملي سياست ۾ قدم پاڪستان پيپلز پارٽي وسيلي رکيو۔

هو پارٽي قيادت جي ويجهو سمجهيو ويندو هو ۽ ڪراچي ۾ ڪجهہ ڪاروبارن جي نگراني بہ ڪندو هو، پر ڪجهہ وقت کانپوءِ لاڳاپا خراب ٿيا ۽ ملير جو اڳوڻو مشهور ايس ايس پي سندس پويان پئجي ويو، جنهن بعد هو بلوچستان هليو ويو۔

بلوچستان ۾ علي حسن زهري، ثناءُالله زهري ۽ جنرل قادر بلوچ سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جن ٻنهي جو تعلق بہ زهري قبيلي سان هو، ٽياڪڙي کانپوءِ سندس جا پيپلزپارٽي قيادت سان لاڳاپا بہ بهتر ٿيا۔

ان عرصي دوران سندس گهرواري ثمينہ ممتاز زهري بلوچستان عوامي پارٽي (باپ) جي ٽڪيٽ تي سينيٽر چونڊجي وئي۔

ھن اسيمبلي جي سيٽ ڪيئن حاصل ڪئي؟

بلوچستان جي صوبائي تڪ پي بي 21 ۾ سينيٽر ثمينہ ممتاز پنهنجي مڙس لاءِ سياسي ماحول سازگار بڻايون۔

2022 جي ٻوڏ دوران هن سرگرم ڪردار ادا ڪيو، ان ئي عرصي ۾ حڪومت لسبيلا ۽ حب کي ٻن ضلعن ۾ ورھائي ڇڏيو، جنهن سبب ڄام ۽ ڀوتاني خاندان الڳ ضلعن ۾ اچي ويا ۽ علي حسن زهري  پيپلزپارٽي جو ضلعي صدر بڻيو۔

2024 جي چونڊن ۾ علي حسن زهري اتان اليڪشن وڙھيو، هي سيٽ ماضي ۾ سردار صالح ڀوتاني جو مضبوط ڳڙھ سمجهي ويندي هئي۔

دلچسپ ڳالهہ اها آهي تہ شروعاتي نتيجن ۾ زهري ٽئين نمبر تي هو، پر هن اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست ڏني، جنهن بعد ڪيترن مهينن کانپوءِ سندس ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو۔

ياد هوندو جڏھن علي حسن زهري جي حلف کڻڻ جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ هو حلف جا لفظ صحيح نموني ادا نہ ڪري سگهيو هو۔

ڊسمبر 2024 ۾ علي حسن زهري بلوچستان ڪابينا ۾ شامل ٿيو ۽ کيس زراعت جو قلمدان ڏنو ويو۔

سندس ذاتي ۽ سياسي زندگي جا تڪرار ڪھڙا رھيا آھن؟

علي حسن زهري تي ڪراچي ۾ زمينن تي قبضي جا الزام لڳايا ويا،  ڪجهه ميڊيا ادارن رپورٽون بہ شايع ڪيون، پر هو انهن الزامن کي رد ڪندو رھيو۔

هڪ ڊپٽي ڪمشنر بہ مٿس الزام لڳايو، پر بعد ۾ هن معافي گهري۔

سندس تڪ حب ۾ مقررين ۽ ترقياتي فنڊن جي معاملي تي سندس ۽ وزيراعليٰ وچ ۾ شديد تڪرار سامهون آيو، جنهن تي پارٽي قيادت کي مداخلت ڪرڻي پئي، معاملو حل ڪرڻ لاءِ فريال ٽالپر سڀني ڌرين کي ڪراچي گهرايو ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ شاه گرگيج کي مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان سندس اختلاف وڌندا رھيا، ان کانسواءِ هن بلوچستان جي چيف سيڪريٽري خلاف سخت بيان ڏنو، جنهن تي سول سروس تنظيمن سندس مذمت ڪئي۔

سندس ڪيل زرعي کاتي جون ڀرتيون بہ رد ڪيون ويون ۽ بلوچستان حڪومت هن کان ۽ سندس گهرواري کان سيڪيورٽي بہ واپس وٺي ڇڏي۔

علي حسن زھري کي ڪابينا مان ڇو هٽايو ويو؟

هلندڙ مهيني وفاقي آئيني عدالت علي حسن زھري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو۔

سندس مخالف اميدوار ڀوتاني 39 پولنگ اسٽيشنن جي ڳڻپ تي اعتراض ڪيو هو، عدالت حڪم ڏنو تہ ٻيهر ڳڻپ جو فيصلو ٿيڻ تائين سندس ڪاميابي معطل رھندي، پر علي حسن زھري عدالتي ڪارروائي کان اڳ ئي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ٻڌايو ويو تہ هو وزارت کي مڪمل وقت نٿو ڏئي سگهي، پر هن وزيراعليٰ سرفراز بگٽي تي پنهنجي تڪ ۾ مداخلت جو الزام بہ لڳايو۔

صدر زرداري سان سندس ويجهڙائپ جو اندازو ان ڳالهہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ جڏھن زرداري ڳڙھي خدا بخش ويو تہ اتي رڳو علي حسن زهري ساڻس گڏ موجود هو ۽ جڏھن صدر زرداري چين جي دوري تي هو تڏھن بہ هو ساڻس گڏ هو۔

ڪجہ تجزيي نگارن جو چوڻ آهي تہ پيپلز پارٽي قيادت ۽ ڀوتاني ڀائرن وچ ۾ ڪجهہ معاملن تي اختلاف هئا، جيڪي هاڻي حل ٿي چڪا آهن، تنهنڪري علي حسن زهري پٺتي هٽي ويو آهي، پر هو اڃا ب ان سياسي ۽ ذاتي نظام جو حصو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں