ٺٽو( محمد ميمڻ ) ٺٽي جي عدالت ۾ مذھب مٽائي پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جي پيشي، ناري جي بيان بعد ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.
سيشن ڪورٽ ۾ ان وقت سخت هنگامي واري صورتحال پيدا ٿي، جڏهن دارالامان حيدرآباد کان پيشي تي آندل ناري سونيا باگڙي پنهنجي مائٽن سان وڃڻ بدران ٻيهر دارالامان وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ناري جي والد ڪنور باگڙي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سونيا باگڙي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو تہ هوءَ پنهنجي وارثن سان گڏ وڃڻ نٿي چاهي.
عدالت ناري جي بيان کانپوءِ کيس ٻيهر دارالامان موڪلڻ جو حڪم جاري ڪيو، جنهن تي ڪورٽ جي احاطي ۾ موجود ناري جي والدہ ميران باگڙي ۽ ٻين عورتن سخت احتجاج ڪندي دانھون ڪيون.
عورتون ناري سونيا کي چنبڙي پيون ۽ مبينہ طور تي کيس زبردستي پاڻ سان وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کانپوءِ پوليس جي واڌو نفري طلب ڪري احتجاج ڪندڙ عورتن کي عدالتي احاطي مان ٻاهر ڪڍيو ويو.
ياد رھي تہ 20 ڏينهن اڳ گُجو واسي نوجوان اقبال پنهور سان پسند جو پرڻو ڪندڙ سونيا کي عدالت اڳ ئي نابالغ قرار ڏئي چڪي آهي، عدالت اقبال پنهور پاران نڪاح نامي توڙي 11 فيبروري تي ناري کي مسلمان ڪرڻ واري عمل کي غير قانوني ۽ چائلڊ ميريج ايڪٽ جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو هو.
ٻئي طرف وارثن جي وڪيل رفيق پليجو جو چوڻ آهي تہ ناري ذهني دٻاءُ ۾ آهي ۽ جوابدار ڌر کيس حراسان ڪري غلط بيان ڏياري رھي آهي، جنهن خلاف اعليٰ عدليہ سان رابطو ڪيو ويندو….