ٺل ڀرسان گھر مان ڌاڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي قتل ٿي ويو، جڏھن تہ ٻہ ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڀاڳين جي فائرنگ ۾ هڪ مبينا چور بہ مارجي ويو۔
ڳوٺ عبدالرحيم کوسو ۾ چورن گهر ۾ گھڙي ڌاڙي ڪوشش ڪئي تہ ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گھر ڌڻي ھادي بخش کوسو قتل ٿي ويو ۽ سندس 2 ڀائر سائينداد کوسو ۽ عبدالخالق کوسو زخمي ٿي پيا.
جوابي ڪارروائي ۾ ھڪ مبينا چور بہ مارجي ويو، جنھن جي سڃاڻپ غلام سرور جتوئي طور ٿي.
واقعي بعد لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ٺل منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي۔
پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔…..