ٺل ويجهو نوناري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان جھيڙي ۾ گولي لڳڻ سبب نينگري قتل ٿي وئي.
سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ رسول بخش نوناري ۾ نوناري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي زميني تڪرار جھيڙو ٿي پيو، جتي ٻنهي ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿيو ۽ فائرنگ شروع ٿي وئي.
فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب 10 ورھين جي جي نينگري ياسمين، ڌيءُ غلام حسين نوناري، موقعي تي ئي قتل ٿي وئي.
علائقي واسين موجب اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس وقت سر واقعي واري هنڌ نہ پهتي۔
بعد ۾ مقتولا نينگري جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو…..۔