اسلام آباد : گڏيل عرب امارات اصولي طور پاڪستان ڏانھن 2 ارب ڊالر قرض جي ٻن مهينن جي مختصر مدي رول اوور ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي۔
هڪ اعليٰ عهديدار تصديق ڪئي آهي تہ يو اي اي 17 اپريل 2026 تائين ٻن مهينن لاءِ هن رقم کي رول اوور ڪرڻ تي رضامندي ظاھر ڪئي آھي.
ذريعن موجب اها خاطري ان وقت ڪرائي وئي جڏھن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار هن هفتي اماراتي اعليٰ اختيارين سان رابطو ڪيو۔
اعليٰ سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي تہ گڏيل عرب امارات هي مختصر مدي واري واڌ 6.5 سيڪڙو وياج جي شرح تي ڏني آهي ۽ لاڳاپيل اختيارين طرفان باقاعدہ منظوري ڪنهن بہ وقت ملڻ جي اميد آهي۔..