ڊَڪي ڀائي خلاف ڪيس ۾ اڳڀرائي، وڌيڪ يوٽيوبرز ۽ ٽڪ ٽاڪرز کي به نوٽيس جاري
پاڪستان جي مشھور يوٽيوبر سعد الرحمان عرف ڊَڪي ڀائي جوا جي مشھوري واري ڪيس ۾ جسماني رمانڊ کي چئلينج ڪري ڇڏيو، ڊَڪي ڀائي طرفان رمانڊ ۾ واڌ واري جوڊيشل مئجسٽريٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائي وئي آھي
يوٽيوبر پنھنجي وڪيل ذريعي سيشن ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي، عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي، نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو آھي.
نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي مشھور يوٽيوبر سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي کانپوءِ وڌيڪ يوٽيوبرز ۽ ٽڪ ٽاڪرز کي به نوٽيس جاري ڪيا آھن، رپورٽس موجب اين سي سي آءِ اي طرفان مدثر حسن، محمد انس علي، اقرا ڪنول ۽ محمد حسنين کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، اداري طرفان يوٽيبرز کي 2 سيپٽمبر تي لاھور واري آفيس ۾ طلب ڪيو آھي، عملدارن جو چوڻ آھي ته انھن يوٽيوبرز ۽ ٽڪ ٽاڪرز جوا جي ايپس کي ھٿي ڏني ۽ ايپس کي سٺي انداز ۾ پيش ڪري عوام سان دوکو ڪيو.
ڊڪي ڀائي جي گهرواري جي ضمانت ۾ واڌ
ٻئي پاسي ساڳي ئي ڪيس ۾ لاھور جي عدالت ڊَڪي ڀائي جي گھرواريءَ عروب جتوئي جي عبوري ضمانت ۾ 15 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي آھي، عدالت اين سي سي آءِ ايَ کي حڪم ڏنو ته 15 سيپٽمبر تائين عروب جتوئي گرفتار نه ڪيو وڃي، عدالت طرفان عملدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي به ھدايت ڪئي وئي آھي، مشھور يوٽيوبر سعد الرحمان عرف ڊَڪي ڀائي جي زال عروب جتوئي تي به جوا جي مشھوري جو ڪيس داخل آھي، ان ڪيس ۾ ھو ضمانت تي آھي.
سعد الرحمان عرف ڊَڪي ڀائي پاڪستان جو مشھور يوٽيوبر آھي، ڊَڪي ڀائي 21 ڊسمبر 1997ع تي پنجاب جي گادي واري شھر لاھور ۾ جنم ورتو، ڊَڪي ڀائي فيملي ولاگنگ ۽ ڪانٽينٽ ڪريئيٽر طور مشھور آھي، ھو تڪراري بيانن ۽ مختلف جھيڙن سبب سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل رھي ٿو، ڊَڪي ڀائي جا يوٽيوب تي لکين فالورز آھن، ھومزاحيه وڊيوز به ٺاھيندو رھي ٿو.
ڊَڪي ڀائي تي ڪھڙو الزام آھي؟
پاڪستان جي مشھور يوٽيوبر ڊَڪي ڀائي کي 17 آگسٽ 2025ع تي لاھور ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو ھو، مٿس جوا جي ايپس جي مشھوري، اليڪٽرانڪ فراڊ ۽ انعامي اسڪيم ذريعي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جا الزام آھن
ڊَڪي ڀائي خلاف ڪيس 13 آگست تي شروع ڪيل جاچ جي بنياد تي داخل ٿيو، ڊڪي ڀائي خلاف ان کان اڳ به غيرذميواراڻي انداز ۾ گاڏي ھلائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس مٿس ڪيس داخل ڪيو ھو، جنھن بعد لاھور جي عدالت سندس ضمانت منظور ڪئي ھئي.