يوٽيليٽي اسٽورز جا ملازم بيروزگار ڇو پيا ڪريو؟ آصفه ڀٽو زرداري جي وفاقي سرڪار کان وضاحت طلب

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ۽ خاتون اول آصفھ ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ جو معاملو اٿاريندي ان جي مذمت ڪئي ۽ وفاقي سرڪار کان وضاحت طلب ڪئي.

آصفھ ڀٽو زرداري چيو تھ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ڪرڻ ۽ ان جي ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ خلاف اسان ھتي ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو ۽ وفاقي سرڪار اھي خاطريون ڪرايون تھ ملازمن کي بيروزگار نھ ڪيو ويندو.

آصف ڀٽو زرداري چيو تھ افسوس جي ڳالھھ آھي تھ وفاقي سرڪار جي خاطرين باوجود يوٽيلٽي اسٽورز کي بند ڪيو پيو وڃي ۽ لکين ملازم بيروزگار ٿي ويا آھن، وفاقي سرڪار کي پنھنجي ان قدم جي وضاحت ڪرڻ گھرجي.

ھن چيو تھ يوٽيليٽي اسٽورز بند ٿيڻ سبب بيروزگار ٿيندڙ ملازمن جا خاندان سخت تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن، غريب ملازمن ۽ سندن خاندانن سان اھا وڏي ناانصافي ۽ زيادتي آھي، جنھن جو ازالو ٿيڻ گھرجي.

وفاقي وزير راڻا تنوير جو آصفه ڀٽو زرداري کي جواب

وفاقي وزير راڻا تنوير حسين آصفھ ڀٽو زرداري جي اٿاريل سوالن جا جواب ڏيندي چيو تھ ادارن جي رائيٽ سائيزنگ بابت ڪابينا جي ھڪ ڪميٽي ۾ اھو فيصلو ٿيو تھ خساري ۾ ھلندڙ يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪيا ويندا.

راڻا تنوير چيو تھ خساري وارن يوٽيلٽي اسٽورز کي بند ڪري انھن جي ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي فارغ ڪيو ويو ھو، ڪانٽريڪٽ تي ۽ مستقل ملازمت ڪندڙن لاءِ ھڪ ٻيو فارمولا استعمال ڪيو پيو وڃي.

وفاقي وزير چيو تھ يوٽيلٽي اسٽورز جي بيروزگار ٿيندڙ ڪانٽريڪٽي ۽ پڪن ملازمن جي لاءِ 20 ارب روپين جي ماليت جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آھي، جيڪو متاثر ٿيندڙ ملازمن کي ڏنو ويندو.

وفاقي وزير چيو تھ يوٽيليٽي اسٽورز جي مستقل ملازمن کي ايڊجسٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪي ملازم پئڪيج وٺڻ چاھيندا انھن کي مالي پئڪيج ڏنو ويندو.

راڻا تنوير حسين ٻڌايو تھ يوٽيلٽي اسٽورز تان کاڌ خوراڪ جو سستو سامان وصول ڪندڙ غريب شھرين لاءِ وفاقي سرڪار ھڪ ٻي سھولت جو انتظام ڪيو آھي، ھاڻي انھن شھرين جي نقد رقم جي صورت ۾ امداد ڪئي پئي وڃي.

وفاقي وزير چيو تھ يوٽيلٽي اسٽوز بند ڪيا ويا آھن ۽ بيروزگار ٿيندڙ ملازمن ان خلاف احتجاج بھ ڪيا آھن، مظاھرين سان ڳالھيون ڪري کين خاطري ڪرائي وئي تھ کين يا تھ ايڊجسٽ ڪيو ويندو يا کين پئڪيج ڏنو ويندو.

آصفه ڀٽو زرداري جو وفاقي وزير جي موقف تي احتجاج

آصفھ ڀٽو زرداري وفاقي وزير راڻا تنوير جي وضاحت تي بي اعتمادي ظاھر ڪندي چيو تھ حڪومت اسان اتحادين کي خاطري ڪرائي ھئي تھ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي بند نھ ڪيو ويندو.

آصفھ ڀٽو چيو تھ حڪومت پاران معاملو ھڪ ڪميٽي ڏانھن اماڻيو ويو ھو ۽ ڪميٽي بھ خاطري ڪرائي ھئي تھ يوٽيليٽي اسٽورز بند نھ ڪيا ويندا، ھن چيو تھ حڪومت کي پنھنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي.

آصفھ ڀٽو زرداري چيو تھ يوٽيلٽي اسٽورز کي بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ھزارين ملازمن کي بيروزگار ٿيڻ کان بچايو وڃي، آصفھ ڀٽو جي مطالبي تي اڪثر ميمبرز ڊيسڪ وڄائي سندس موقف جي حمايت ڪئي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کي چيو تھ ادارن جي ڊائون سائيزنگ بابت جوڙيل ڪميٽي سان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۽ ٻين جي گڏجاڻي جو بندوبست ڪرايو وڃي تھ جيئن مسئلو حل ٿي سگھي.

مھتاب اڪبر راشدي جو سنڌ جي پاڻي بابت سوال

قومي اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران پيپلز پارٽي جي ايم اين اي مھتاب اڪبر راشدي ملڪ ۾ پاڻيءَ جي وھڪرن ۾ واڌ بابت آبي وسيلن جي وفاقي وزير کان سوال ڪيو.

مھتاب اڪبر راشدي سوال ڪيو تھ ملڪ ۾ ھن وقت جڏھن پاڻيءَ جي وھڪرن ۾ واڌ ٿي آھي ۽ ڊيم بھ ڀرجي ويا آھن تھ ڇا سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي ڏنو ويندو يا ان ۾ ڪا  ڪٽوتي ڪرڻ جو خدشو اڃا بھ موجود آھي؟

ھن چيو تھ سنڌ جو پاڻيءَ جو جيڪو حصو ٺھندو آھي، اھو سنڌ کي ملندو ئي نھ آھي، وفاقي وزير ٻڌائي تھ ڇا ھيل سنڌ کي پاڻي ملندو، پاڻي سنڌ ڏانھن تھ اچي رھيو آھي پر اھو اسان جي فصلن تائين نھ ٿو پھچي.

آبي وسيلن واري وفاقي وزير محمد معين وٽو چيو تھ ڪنھن بھ صوبي جي پاڻيءَ واري حصي ۾ ڪٽوتي نھ پئي ڪئي وڃي، سمورن صوبن کي پاڻي معاھدي تحت سندن حصي جو پاڻي ملي رھيو آھي.

معين وٽو چيو تھ جيستائين پاڻي چوري ٿيڻ جي خدشن جي ڳالھھ آھي تھ درياھن تي ھڪ جديد ٽيليميٽري سسٽم لڳايو پيو وڃي، جنھن جي مدد سان صوبا پنھنجي حصي جي پاڻيءَ جي نگراني ڪري سگھندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں