ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جِي سربراھي ۾ يارھين قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس ٿوي، جنھن ۾ سنڌ ۽ ڪي پي جي وڏن وزيرن ناڻي واري وزير طور شرڪ تڪئي، جڏھن تہ پنجاب ۽ بلوچستان جا ناڻي وارا وزير ۽ پرائيوٽ ميمبر بہ اجلاس ۾ موجود ھئا.
اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزارت پاران پنھنجي مالِي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، جڏھن تہ اجلاس ۾ چئني صوبن پنھنجي مالي پوزيشن تي بريفنگ بہ ڏني.
ناڻي واري وزير وڏن وزيرن، صوبائي وزيرن، سيڪريٽريز ۽ ٻين ميمبرن جي اجلاس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيندي چيو تہ اڄوڪو اجلاس آئيني ذميواري ۽ گڏيل سھڪار جو اھم موقعو آھي، فورم آئين جي آرٽيڪل 150 تحت قائم ڪيو ويو ھو، ان پس منظر ۾ ھن اجلاس جي اھميت وڌي وئي آھي.
محمد اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ واضح ۽ پُختو عزم ھيو تہ 11 ھين اين ايف سي جو افتتاحي اجلاس بنا ڪنھن دير گھرايو وڃي، وزيراعظم پاڻ ان ڳالھ ۾ دلچسپي ظاھر ڪئي، صوبن بہ ھن آئيني ذميواري کي بہ وقت تي ادا ڪرڻ جو ارادو ظاھر ڪيو آھي.
ناڻي واري وزير چيو تہ پنجاب، خيبرپختونخواھ ۽ سنڌ ۾ تباھي مچائيندڙ ٻوڏ سبب ھي اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو، اين ايف سي جي حوالي سان افواھن ۽ خدشن جوشفاف ۽ مخلصاڻو حل ڳالھيون آھن، ھتي کُليل ذھن ۽ بنا ڪنھن تعصب جي موجود آھيون، وفاقي حڪومت صوبن جو موقف ٻڌڻ لاءِ موجود آھي.
محمد اورنگزيب چيو تہ صوبن طرفان نيشنل فِڪسل پيڪٽ تي صحيحون بھترين عمل آھي، جيڪو اسان جي گڏيل عزم ۽ قومي مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت جو ثبوت آھي، آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ صوبن جو سھڪار ساراھ جوڳو آھي.
ناڻي واري وزير جو چوڻ ھو تہ ھن سال ملڪ کي ڀارت طرفان غير معمولي خطرن ۽ ٻوڏ جھڙن چيلينجز کي منھن ڏيڻو پيو، ان ڏکي حالتن ۾ اسان ھڪ مضبوط وفاق جي صورت ۾ گڏ بيٺاسين، اھو ئي جذبو اسان 11 ھين اين ايف سي ايوارڊ جي عمل ۾ بہ برقرار ڏسڻ چاھيون ٿا، 11 ھين اين ايف سي اروارڊ جي مامرن کي ڪاميابي سان انجام تي پھچايو ويندو۔
ڪميشن اجلاس بابت مراد علي شاھ جو موقف

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ، قومي مالياتي ڪميشن جي اجلاس کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي ڇڏيو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تہ اين ايف سي اجلاس آگسٽ ۾ رٿيل ھو پر ٻوڏ جي ڪري ملتوي ڪيو ويو، اڄوڪو اجلاس سٺي ماحول ٿيو ۽ فيصلو ٿيو آھي تہ نوان گروپس ٺھندا، جيڪي مالياتي مامرن کي اڳتي وڌائيندا، صوبن ۽ وفاق پنھنجي مالياتي پوزيشن ٻڌائي آھي، وڏي وزير، صوبن جي حصي مان ڪٽوتيءَ واري سوال جو جواب نہ ڏنو.
وفاق ڪي پي کي ايوارڊ مان حصو نٿو ڏئي؟
خيبرپختونخواھ جَي وڏي وزير سھيل آفريدي اين ايف سي تحت رھيل حصو ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
اين ايف سي بابت تعارفي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي سھيل آفريدي چيو تہ اڄوڪي اجلاس ۾ ڪي پي جي عوام جو ڪيس سامھون رکيو آھي، 2018 کان قبائلي علائقا خيبرپختونخواھ جو حصو آھن، ضم ٿيل ضلعن جو حصو نہ ڏيڻ آئين جي ڀڃڪڙي آھي.
ھن چيو تہ ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ٻين صوبن جي نمائندن آڏو پنھنجو ڪيس رکيو آھي، اميد آھي تہ ضم ٿيل علائقن بابت موقف تسليم ڪيو ويندو.
سھيل آفريدي اين ايف سي اجلاس جي فيصلن جي حوالي سان ٻڌايو تہ فيصلو ٿيو آھي تہ ايندڙ اربع تائين سب ڪميٽي ٺاھي ويندي، جيڪا 8 جنوري تائين اين ايف سي جي ڪميٽي آڏو پنھنجيون سفارشون رکندي.
ڪي پي جي وڏي وزير چيو تہ اين ايف سي جو ايندڙ اجلاس جنوري مھيني جي ٻي ھفتي ۾ ٿيڻ جو امڪان آھي.