حوالو: ادبي بورڊ مهراڻ رسالو
مولانا قاسمي مون لاءِ چيو ته آئون ننڍپڻ کان روايت کان بغاوت ڪندو رهيو آهيان ۽ سنڌي اديبن جي ذهن ۾ قوميت جي جذبي جو ٻج پوکيو اٿم، در حقيقت , سنڌي ادب ۾ قوم پرستي جي تحريڪ جو معمار محمد ابراهيم جويو آهي. هن ئي اسان کي قوم پرستي جو درس ڏنو۔
پير حسام الدين راشدي جو ايران مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پاڪستان سينٽر حيدرآباد ۾ 14 اپريل 1972 ۾ خطاب.. حوالو ادبي بورڊ مهراڻ رسالو
جڙون جن جون جيءَ ۾
محمد ابراهيم جويو
پنهنجي بزرگ ۽ دوست، حسام الدين، سان ٿيل ڪچهريون ۽ اُنهن جون ڳالهيون ته ڪيئي مون کي ياد آهن، پر ڪي انهن مان آءٌ خاص ۽ وڏيءَ اهميت جون سمجهان ٿو. آءٌ اِئين ٿو ڀانيان ته جيسين ساڻن ٿيل اُهي ڳالهيون ۽ ڪچهريون مون کي ياد آهن ۽ منهنجو حافظو مون ساڻُ آهي، تيسين، ذاتي طور، حسام الدين مون لاءِ جيئرو آهي. ۽ اِئين منهنجا ٻيا به ڪيئي دوست ۽ بزرگ جيڪي منهنجي سانڀر ۾ گذاري ويا آهن، ۽ پڻ اُهي بيشمار اَڻ ڏٺل، اَڻ واقف انسان جن سان آءٌ سندن ڪتابن ۽ ڪمن ذريعي واقف آهيان، اُهي به مون لاءِ اُهڙائي جيئرا آهن. اِئين، جيسين ڪِن جي ياد جيئري آهي تيسين جيئرن لاءِ اُهي جيئرا ئي رهن ٿا. اِنهيءَ ڪري ئي انسان- ذات کي ۽ اُن جي قومن کي پنهنجي ماضيءَ کي ۽ اُن جي تجربي ۽ ڏات کي ياد رکڻو پوندو آهي، ته جيئن هو بي حس، لاعلم ۽ بي بنياد رهجي نه وڃن ۽ هيڻائي ۽ موت مٿن غالب پئجي نه وڃي ۽ غلامي ۽ حيوانيت، جيڪا موت کان وڌ بدتر آهي، سندن مُقدر نه بڻجي وڃي.
ھڪ خاص ڪچھري
مون کي هڪڙي اهڙي خاص ڪچهري، ۽ اُن جي هڪ تمام اهم ڳالهه به، جيڪا ياد آهي، جا منهنجي ۽، حسام الدين جي وچ ۾ ٿي هئي، سا تاريخ جي اِن سوال بابت هئي ته ’تاريخ جانبدار هئي يا غير جانبدار!‘ سنه 1955ع ۾ حڪومت پاڪستان جي وزارت تعليم کان، حسام الدين جي دلگهرئي دوست، حڪومت پاڪستان جي تڏهوڪي سيڪريٽري ماليات ممتاز حسن، ذريعي، ۽ حسام الدين جي ئي تحرڪ سان، سنڌي ادبي بورڊ کي چئن سالن لاءِ ”قومي تاريخ ۽ ادب جي فروغ“ جي هڪ اِسڪيم لاءِ گرانٽ مليو هو. حسام الدين کي تاريخ سان بيحد دلچسپي ۽ اُنس هو ۽ تاريخ جي سچَ ۽ غير جانبداريءَ کي پاڻ پنهنجو آئيڊيل، پنهنجو آدرشُ، مڃيندا هئا. سو مون جو کين چيو ته تاريخ جو ڪوبه هڪُ سچُ ڪونه هو، ۽ ڪابه تاريخ غير جانبداريءَ سان لِکي نه ويئي هئي، نه لِکي ويئي ٿي ۽ نه ئي اُن جو اِئين لکجي سگهڻ ممڪن هو، ته حسام الدين هڪدم گنڀير بلڪه ششدر ٿي ويو هو.
ٻي ڪچھري
ٻي ڪچهري ۽ اُن جي ڳالهه جيڪا مون کي خاص طرح ياد آهي ۽ اِها به اُنهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي، جيتوڻيڪ اڄ هِتي جيڪا خاص ڳالهه مون کي اڳتي ڪرڻي آهي اُن سان اِن جو ڪو خاص واسطو ڪونهي- سا ٺٽي ننگر کان ڪراچيءَ گڏ ايندي، جيپ ۾، حسام الدين سان منهنجي ٿي هئي. ٺٽي ننگر اسين علمي ۽ ادبي مخطوطن ۽ تاريخي دستاويزن وغيره جي تلاش ۽ حاصلات لاءِ ويا هئاسين، ۽ موٽندي پاڻ ڳالهين ڳالهين ۾ بورڊ جي رسالي، سماهي ”مهراڻ“، جي ادارت جي ڳالهه ڪڍي هئائون. بورڊ جي هڪڙي ميمبر صاحب کي رسالي لاءِ منهنجي ايڊيٽر هجڻ تي وڏو اعتراض هو، ۽ اُن ميمبر سان منهنجا ذاتي تعلقات به ڏاڍا ويساهه ڀريا ۽ چڱا هئا. حسام الدين جي من تي اُن صورتحال جو ايترو ڪو تاثر هو، جو رد عمل طور، وري وري، مجموعي نموني، انسانن لاءِ پنهنجي نراسائيءَ ۽ ناراضگيءَ جو اظهار پئي ڪيائون. ۽ پوءِ، انساني سڀاءَ ۽ ورتاءَ بابت عمومي طور ۽ رسالي ”مهراڻ“ جي ادبي ۽ علمي مواد جي انتخاب ۽ ترتيب وغيره بابت سڄي واٽ ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي، ۽ آخر ۾ سهمت اِن تي ٿياسين ته انسانن جو هڪٻئي ۾ اعتماد لازم هو ۽ هڪٻئي جي نيڪيءَ ۾ ماڻهن جو يقين ۽ ماڻهن جون ماڻهن ۾ اميدون به بجا هيون: يڪطرفي برتريءَ جو احساس ۽ بالادست مفادي ادارا البت هئا، جن شخصن ۽ طبقن کي پنهنجن زيردستن ۽ تابعدار پاڻ جهڙن انسانن ۾ بي اعتماديءَ، شڪ ۽ نااميديءَ جي اظهار تي آماده ڪيو ٿي- اِنهيءَ لاءِ ته اُهي ’هيڻا ماڻهو‘ سندن تابعداريءَ ۽ غلاميءَ ۾ ساڻن ويساهه گهاتي نه ڪن ۽ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ۽ چپ چاپ سندن نوڪري ڏيندا رهن، بلڪه ’بيوفائيءَ‘ ۽ ’نمڪ حرامي‘ جي الزامن کان بچڻ ۽ آقائن وٽ سرخرو رهڻ لاءِ سدائين اُهي پنهنجي ٻيلپي ۽ ٻانهپ ۾ پڪا ۽ سرگرم رهن! ”مهراڻ“ جي ادارت بابت مون کين پنهنجو رايو هيءُ ڏنو هو ته بورڊ جو اُهو اسان جو مهربان ميمبر اصل ۾ جيتوڻيڪ مظلوم هٿ-پورهيت مائٽن جو مون وانگر يتيم اولاد هو ۽ هاڻي هو اسان جي پڙهيل ڳڙهيل وچين طبقي ۾ شمار ٿئي ٿو، پر اُتي پهچي، هُن پنهنجي قسمت سڻڀي مالدار طبقي سان يعني آزاديءَ کان پوءِ وڌي آيل نئين حاڪم طبقي سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو، ۽ اُن سندس دلپسند ۽ پنهنجي حاڪم طبقي جي هرگز مفاد ۾ نه هو ته سنڌي علمُ ۽ ادبُ سنڌ جي ڏتڙيل باندي سماجَ ۽ اُن جي مظلوم پورهيت عوام جي زندگيءَ جو دليلُ ۽ نجات جو آوازُ ۽ اُن جي آزاد جذبن ۽ امنگن جو ترجمانُ بڻجي. هِنن نون حاڪمن ته اسان جي سماج جي چؤڌاري بندَ ٻَڌي اُن کي سڪائڻ ۽ موڳو بنائڻ ٿي چاهيو ۽ اُن لاءِ هُنن سنڌي علم ۽ ادب کي اُنهن سڀني تهذيبي-نظرياتي-سماجي روايتن ۾ سوگهو ڪرڻ گهريو ٿي، جيڪي مُدي خارج هيون، ۽ جن سان فقط سندن پنهنجي منصب ۽ خصوصي مفاد کي ئي ٽيڪو ۽ پناهه ٿي ملي. پر سنڌي سماج ۾ نئون روح ڦوڪيندڙ علم ۽ ادبُ پنهنجي تاريخ مان، پنهنجي سڄي ماضيءَ مان، سڀ اُهي روايتون کڻي جيڪي انسان دوست، سچليون ۽ اُتساهڪ هيون، ۽ اڄ جي تقاضائن ۽ زندگي بخش قدرن سان اُنهن کي ڳنڍي، پنهنجي پورهيت عوام جا سگهارا ۽ ڀرپور امنگ ظاهر ڪندو ۽ انهن کي پنهنجي عظيم خوابن جي تعبير لاءِ اُتساهيندو ۽ اڳتي نيندو ئي رهندو- اِنهيءَ ڪري، بورڊ جو رسالو ”مهراڻ“ آءٌ ايڊٽ ڪندو رهان، يا ٻيو ڪير به اچي ايڊٽ ڪري، اُن جي پاڻ کي گهڻي ڪا اونَ يا خاص ڪو انديشو هئڻ نه گهرجي. عشق جا امتحان ۽ ڪم جا موقعا هر وقت ماڻهوءَ جي آڏو ٻيا به ڪيئي موجود رهن ٿا.
ٽئين ڪچھري
ٽين ڪچهري پنهنجي هِن سدا بهار ۽ سدا جيئري دوست ۽ بزرگ سان ٿيل، جيڪا پنهنجي اهميت سارُو اڄ به مون کي ائين ياد آهي ڄڻ اُها ڪالهه جي ڳالهه آهي- سا مٿي ذڪر ڪيل ”قومي تاريخ ۽ ادب جي فروغ“ جي اسڪيم هيٺ فارسي ۽ عربي مخطوطات جي ايڊيٽنگ جي ٻوليءَ متعلق هئي. ڪن دوستن جو خيال هو ته اُهي ڪتاب اردوءَ ۾ ايڊٽ ڪيا وڃن، ڇو ته اردو مرڪزي ٻوليءَ جو درجو وٺي رهي هئي، ۽ اُن تحقيقي اشاعتي اسڪيم لاءِ گرانٽ به مرڪزي حڪومت کان بورڊ کي مليل هو. منهنجي صلاح هئي ته هي ڪتاب اصل جنهن ٻوليءَ ۾ هجن، اصولي طور اُن ئي ٻوليءَ ۾ ايڊٽ ٿين- بشرطيڪ اُنهن جو سڌو واسطو اُنهن ئي ٻولين جي قومن ۽ ملڪن سان هجي. پر سڀ کان بهتر هو ته اُهي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ايڊٽ ٿين، ڇو ته اُنهن جو سڌو، اڻ سڌو، هر طرح جو لاڳاپو سنڌ جي ادب ۽ تاريخ سان هو، ۽ اِن طرح انهن سان وري اُها بي انصافي به ڪانه ٿيندي، جو جيئن ايترا سَوَ سال اُهي ڌارين ٻولين ۾ لکيل هجڻ سبب هِتي اسان وٽ مٽيءَ جي مڻن هيٺ لَٽيا رهيا، ڪو سندن ڀرسان حال ڪونه هو، ڪو سندن پڙهڻ وارو ڪونه هو، تيئن هاڻي به جي اُهي فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ ئي ايڊٽ ٿيا ته اُهي وري به اُنهيءَ ئي گمناميءَ ۾ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ اسان وٽ دفنيا پيا رهندا! انهن کان سواءِ، خود سنڌي ادبي بورڊ به سنڌي ٻوليءَ جي ئي فروغ لاءِ قائم ٿيل ادارو هو، ٻوليون قدرت جا معجزا ۽ انساني تاريخ جا وڏا ڪرشما هيون. ڪنهن ٻوليءَ جو سِرجڻ ئي معنيٰ ته ڪنهن سماج جو، ڪنهن قوم جو سِرجڻُ، ڪِن تهذيبي، سياسي ۽ معاشي ادارن جو سِرجڻُ، ڪنهن حڪمران قوت جو، ڪنهن سياسي اقتدار جي مرڪز جو وجود ۾ اچڻُ ۽ خود خدا به ته پوءِ ماڻهن سان ماڻهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪلام ٿي ڪيو! ۽ سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو به اِنهيءَ لاءِ ته آخر آزاد نه ٿيا هئا ته پنهنجي ڳالهه تان دستبردار ٿي، اردو سياسي اقتدار جا غلام بڻجي وڃن! هِن منهنجي ايڏي وڏي لُڙ تي اسان جو سجاڳ ذهن ۽ روشن ضمير بزرگ ۽ دوست، حسام الدين، بنهه ڇِرڪي ويو هو. ۽ پوءِ هُن پنهنجا اُن اسڪيم هيٺ تقريباً سڀ (فارسي) ڪتاب سنڌيءَ ۾ يا فارسيءَ ۾ ايڊٽ ڪرڻ شروع ڪيا هئا ۽ اِئين سندن پهريون ايڊٽ ٿيل فارسي ڪتاب ”مثنوي چنيسر نامه“ 67 صفحن جي سنڌي مقدمي سان شايع ٿيو: پاڻ ئي اُن جي اردو شڪل ڦيرائي، سنڌيءَ ۾ آڻي، اشاعت لاءِ مُسَودو پريس کي ڏياري موڪليو هئائون. اِئين سندن ئي رضامندي سان اسڪيم جي ٻئي نمبر فارسي ڪتاب ”ديوان عطا“ جو 180 صفحن جو مقدمو به سنڌيءَ ۾ آندو ويو، جيڪو ڪتاب جي ايڊيٽر، سندن فاضل دوست، محمد مطيع الله ”راشد“ برهانپوريءَ، اصل اردوءَ ۾ لکيو هو.
حسام الدين ۽ 41 ڪتاب
حسام الدين جملي 41 ڪتاب اسان وٽ ڇڏيا آهن: 12 سنڌيءَ ۾، 25 فارسيءَ ۾ ۽ 4 اردو ۾ سنڌي ادبي بورڊ سندن ڪل 16 ڪتاب شايع ڪيا: 13 فارسيءَ ۾ ۽ 3 سنڌيءَ ۾. تقريباً انهن سڀني 16ڪتابن تي، ۽ پنهنجي آخري ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ تي جنهن جي پيش لفظ لکڻ جو شرف به پاڻ مون کي ڏنائون (۽ اُهو ڪيڏو شرف هو- تنهن جو اندازو اِن مان لڳي ٿو ته پاڻ ڪنهن به پنهنجي ڪتاب جو پيش لفظ ٻئي کان نه لکايائون)-اُنهن سورهن ئي ڪتابن تي لکيل پنهنجي ديباچن ۾، منهنجو نالو وٺي، آءٌ جيڪو سندن نيازمند هوس، منهنجي قدر افزائي ڪئي هئائون. سندن ٻن شاهڪار سنڌي ڪتابن جا خود نالا به- ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۽ ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ سندن چوڻ تي منهنجا رکيل آهن- ۽ اِها ڳالهه به اِنهن ڪتابن جي پنهنجن ديباچن ۾ پاڻ ڪئي اٿن. اِن مان اوهين منهنجي ۽ حسام الدين جي وچ ۾ دل جي سنٻڌ ۽ خيالن جي هم آهنگيءَ جو اندازو ڪري سگهو ٿا. ۽ انهيءَ سد-ڳڻيءَ ڳالهه جو مُلهه ۽ احساس هِن مضمون لکڻ وقت، جو مون سندن اِهي ڪتاب اٿلايا پٿلايا، تڏهن ويتر وڌيڪ مون کي ٿيو.
حسام الدين جا سنڌي ادبي بورڊ لاءِ لکيل سورهن ئي ڪتاب تاريخ جا ڪتاب آهن. ويندي، ماڻهن ۽ واقعن جي سندن ذاتي تاثرات ۽ يادگيرن جو ادبي شاهڪار ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ به. سندن سڄي محويت، سڄو ذوق ۽ پورو نياز تاريخ سان وابسته هو- سنڌ جي تاريخ سان ”مڪلي نامو“ سندن ڪتاب، سنڌ جي تاريخ تي هڪ بي مثل تصنيف آهي. اُن جي مقدمي ۾، سنڌ جي تاريخ لاءِ اُن پنهنجي سچي ۽ ڪامل جذبي جو بيان هيئن ڪيو اٿن.
”سنڌ جي تاريخ کي ڪڏهن به ڪنهن سليقي سان هٿ نه لاٿو آهي، اُڙيا ٿڙيا مقالا ۽ چوپڙيون لکيون ويون آهن، ليڪن تفصيل ۽ سلسلي سان اُنهيءَ ڏِس ۾ ڪنهن جاکوڙ ڪانه ڪئي آهي. اِنهيءَ جو وڏو ڪارڻ يقيناً هڪ اِهو به آهي، جو مواد يڪجاءِ ڪونه ٿو ملي، ڪتابن ۾ گهٽ ۽ ڪتابن کان ٻاهر گهڻو آهي. خود ڪتابن جو مسئلو به ڪو آسان ڪم ڪونه آهي، سواءِ چند سڌاول ڪتابن جي ٻئي ڪتابي مواد جو علم ۽ اُنهيءَ تائين پهچ هر ڪنهن جي وس ۽ وت ۾ ڪانه آهي. قبرستان تائين پهچڻ، انهن جي ڪتبن کي تاريخ جي لکڻ ۾ ڪتب آڻڻ، سنڌ اندر، ڪو دستوري ۽ مروج طريقو ڪونه آهي.
سنڌ جي تاريخ تڏهن ترتيب حاصل ڪري سگهي ٿي، جڏهن زير زمين دفينا کان، تاريخي مقامن ۽ مڪانن جي تلاش ۽ تحقيق ٿئي، سنڌ منهنجا سنڌ ۾ تصنيف ۽ تاليف ٿيل ڪتاب گڏ ڪجن، سنڌ کان ٻاهر جي لکيل ڪتابن ۾ سنڌ متعلق جيڪو مواد آهي، تنهن جي وڏي پيماني تي تلاش ڪري، اُن کي يڪجاءِ ڪجي. ڪنهن به قديم ملڪ، ڪنهن به پراڻيءَ تهذيب ۽ ڪنهن به اصل ۽ نجيب قوم جي تاريخ لکڻُ ڪو آسان ڪم يا سولو مسئلو نه آهي. مخصوصاً سنڌي قوم، جنهن جا اصول، عادتون ۽ اطوار، جنهن جو نقطهءِ نظر ۽ مسائلن متعلق جنهن جا نظريا مخصوص ۽ غير معمولي هجن، تنهن جي فڪر ۽ روش کي پروڙي، اُن جو تجربو ڪري، ڪا صحيح تاريخ لکجي، اُن لاءِ وڏي جاکوڙ ۽ ڪشالي جي ضرورت آهي.
”هيءَ وقت آهي جڏهن اسان مواد فراهم ڪريون. تاريخ جيڪڏهن آءٌ نه لکي سگهيس ته اڳتي هلي ڪو ٻيو لکندو. بهرحال، جيسين مواد ۽ مسالو نه هوندو تيسين لکبو ڇاتي ۽ لکبو ڇا!“.
حسام الدين جو هيءُ ڪتاب 1966ع ۾ شايع ٿيل آهي. اُن ۾ سنڌ جي ادبيات فارسيءَ جي سَرَ مور، مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل ”مڪلي نامه“ 96 صفن تي آيل آهي، ۽ وڌيڪ 35 صفحن جو سنڌيءَ ۾ تعارف ۽ مقدمو، ۽ 743 صفحن تي پکڙيلَ سنڌيءَ ۾ ”تعليقات ۽ حاشيا ۽ ڪيترن ئي ناياب ۽ نئين سر ترتيب ڏنل شجرن ۽ نقشن سان گڏجي جملي 136 تصويرون شامل آهن. ڪتاب جي تعليقات سان 14 نمبر تي مرزا عيسيٰ ترخان (ثانيءَ) تي لکيل مقالي جون، ’آف پرنٽ‘ طور، 391 صفحن تي مشتمل، ۽ لاڳاپيل شجرن، نقشن ۽ تصويرن سميت، جدا ڪتابي صورت ۾، 50 ڪاپيون، پاڻ پنهنجي ذاتي مصرف لاءِ تيار ڪرايون هئائون، جن تي پريس مان نڪرڻ جو سال 1967ع لڳل آهي-اُنهن مان هڪ ڪاپي پاڻ مون ڏانهن ڪوهاٽ موڪلي هئائون، جا مون وٽ سندن هڪ بي بها سوکڙيءَ طور سانڍيل آهي: اُن تي پاڻ جيڪو خاص انتساب ڇاپرايو اٿن-دريا خان دولهه جي نالي-ان ۾ به اسين وطن جي پيار سان ٽمٽار سندس روح جي گهرائيءَ کي ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهون ٿا.
حسام الدين جو ڪتاب، ”مير محمد معصوم بکري“، سنڌي ادبي بورڊ 1979ع ۾، شايع ڪيو، ۽ 20 صفحن جي ديباچي کان علاوه 547 صفحن جي متن ۽ 119 تصويرن تي مشتمل آهي، دستور مطابق حسام الدين، سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيندڙ سندس هن آخري ڪتاب جي آخر به منهنجي ذڪر سان هِنن پيار ڀريل اکرن سان ڪئي آهي، ”ڀاءُ محمد ابراهيم جويي سموري ڪتاب جا پروف پڙهيا ۽ قيمتي صلاحون ڏنيون، جنهن جي ٿورن مڃڻ تي هِن ديباچي جي پڄاڻي ڪيان ٿو. رب ڪريم شال کين خوش رکي.
”الهه واهي!، ”علي رضا هائوس، ”90-الحمرا سوسائٽي ”ڪراچي
”27-جنوري 1979ع، حسام الدين راشدي
هِن تاريخ، 27 جنوري 1979ع، کان پوءِ، جڏهن حسام الدين هي لفظ ”الهه واهي!“ لکيو، حسام الدين، اسان وٽ پنهنجي جَسد خاڪيءَ ۾ باقي ٽي سال، ٻه مهينا ۽ چار ڏينهن رهيو. هِن عرصي ۾ سندن باقي هڪ ئي ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ڇپيو. بيماريءَ سان ويڙهه کائيندي کائيندي، پاڻ صحت وڃائي ويٺا هئا. هڪ ڏينهن اُهو به آيو، جو چوڻ پين. ”ڀاءُ جو يا، همت نه رهي آهي، هِن ڀيري بيماري بدلو وٺي ويندي“. ڪتاب جي مضمونن جي ترتيب، پريس لاءِ ڪاپي جي تياري، پروف پڙهڻ وغيره منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو هئائون، پر ڪم جي اڪلاءَ جي ڏاڍي اونَ هوندي هُين. ڪيئي ڀيرا اُن لاءِ پاڻ حيدرآباد آيا. ڪيئي ڀيرا آءٌ وٽن ڪراچيءَ ويس. ڪتاب جي سڀني مرحلن جي پورائيءَ لڳ ڀڳ هڪ سال ورتو. پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا، هر طرح خوش ٿيا-عبدالحميد آخوند، نفيس احمد شيخ ۽ مون سان پنهنجي خوشيءَ جو بار بار ذڪر ڪيائون، ۽، اسان جي بِنهه ڦِڪي ٿي وڃڻ جي حد تائين، اسان جا وري وري ٿورا مڃيائون. وڌيڪ ڪم جون ڳالهيون ٿيون: کين فارسيءَ جي رهيل سنڌ جي تاريخ جي ماخذات جي ايڊٽنگ ۽ اشاعت جو خيال هو-چوي ”پنجاهه سال عمر جا ٻيا هجن ته به هوند ڪم پورو نه ٿئي“-سنڌي ادب جي مفصل تاريخ لکڻ جو خاص خيال هون، ۽ ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ جي طرز تي خاص طرح پنهنجي سانئڻ ماءُ جي يادگيرين لکڻ جو ڏاڍو ذوق هون“، ۽ مون کي پڪ آهي ته سندن ڇڏيل ڪاغذن ۾ ضرور اِنهن تجويزن تي سندن ڪي ابتدائي يا ڪجهه قدر وڌيڪ نوٽ موجود هوندا-اُنهن کي هٿ ڪري، ڪم از ڪم فارسي ماخذات ۽ ادبي تاريخ تي، ۽ پڻ اُن سان گڏ يا، اُن سڀ کان علاوه به، خود سندن ادبي سوانح عمريءَ تي ڪم ٿي سگهي ٿو-جيڪو خاص اسان جي علمي ۽ ادبي ادارن جو اڄ اولين فرض آهي.
جڏهن آخري بار پاڻ پنهنجي علاج لاءِ، عزيزحسين شاهه سان گڏ انگلنڊ وڃي رهيا هئا ته، اُن ڏينهن وٽن صبح جو پوري يارهين بجي پهتس-زندگيءَ جي اُن مرحلي تي پنهنجن نياز مندن کان نهايت سختيءَ سان پاڻ وقت جي پابنديءَ ۽ سچ ڳالهائڻ جي تقاضا ڪندا هئا-۽ جيئن ئي ساڻن ملي، خوش خير جي کيڪار ڪري، سندن سامهون ويٺس-پاڻ پنهنجن مطالعي جي ڪمري ۾ ويٺا هئا- سچل کي چانهه آڻڻ لاءِ چئي، هٿ وڌائي، پني ٽڪر مون کي ڏنائون ۽ چيائون: اڙي جويا، هيءُ ته پڙهه! اڄ صبح جو ريڊئي تان هيءُ راڳ ٻڌو اٿم، تولاءِ هڪ بند لکي رکيو اٿم، پڙهه ته، پر ڏاڍيان پڙهه: مون اُهو بند پڙهيو-
تجھه سڳ ميڻ ڪيا لڳ جائوڻ گي، ڪڇ نه ڪڇ توھڳ دڳ جائوڻ گي، دُھول ميڻ تيري گَليَنِ ڪي، ميڻ تُلسي تيرڳ آنگن ڪي-
ميڻ تُلسي تيرڳ آنگن ڪي
پڙهي، مون ڏانهن اُڪير سان نهاريو، ۽ ڪجهه وقت اِئين هڪٻين ڏانهن ڏسندا رهياسون. مون کين چيو: ”پير صاحب (جيتوڻيڪ حسام الدين) پاڻ کي ’پير‘ بِنهه نه ۽ ’سيد‘ به لاچار سڏائڻ يا لکڻ پسند ڪندا هئا، پر اسين سڀ سندس نيازمند کيس محبت ۽ عزت وچان هميشھ ’پير صاحب‘ چوندا هئاسون). هيءَ فلم توهان ڏٺي آهي! وي سي آر تي حيدرآباد ۾ مون ڏٺي آهي-واهه جي فلم آهي!“ پاڻ ٿڌو ساهه کڻي، چيائون: ”يار جو يا، فلمن ڏٺي به سال ٿي ويا!“ ۽ سالَ اڳ جو آءٌ ۽ ٻيا خاص دوست، سراج، رياني ۽ ٻيا ساڻن گڏجي، جوانيءَ جي مَوَ موج ۾ فلمون ڏسندا هئاسين، اُهي ڏينهن منهنجي من تي تري آيا.
اُن رات اسر قت پير صاحب جي انگلنڊ ڏانهن راونگي هئي. ڪيئي دوست کين الوداع چوڻ لاءِ اُتي سندن جاءِ تي، رضا هائوس، الحمرا سوسائٽيءَ، ۾ گڏ ٿياسون-منهنجو شاگرد غلام مصطفيٰ خان جتوئي به اُتي هو، ٻيو منهنجو شاگرد عبدالحفيظ لاکو به اُتي هو، ڀاءُ سراج ، ڀاءُ حميد آخوند ۽ ڀاءُ ممتاز مرزا، پير سائين پير علي محمد راشدي صاحب جن، ۽ ٻيا به ڪيئي دوست احباب گڏ هئا. پير صاحب کي ڪجهه آرام ڪرڻ جي وجهه ڏيڻ جو خيال ڪندي، سوير ئي، ڏهين بجي ڌاران، کانئن ڀاڪرين پئجي، موڪلائي، اٿياسين. مون کي حفيظ لاکو پنهنجي ڪار ۾ کڻي، ڊفينس سوسائٽيءَ ۾ ڀاءُ سرڪيءَ جي گهر ڇڏي ويو. پير صاحب جي فلائيٽ ٽين بجي عصر جي هئي…… تيستائين مان جاڳندو رهيس، ۽ پوءِ اک لڳي ويم. ٻيهر پياري حسام الدين جي فقط خالي جسد خاڪيءَ جو ديدار مڪليءَ ۾ مون کي نصيب ٿيو-
”هُو جي هُئا هِت، ته مَٿن هُوند حَقُ ٿيو؛
مَڻيون، مُورتَ، مَتِ، مانَ وسريونِ، ڪِي لهان!“….شاھ