وڪيل برادري پاران 26 ۽ 27 ھين آئيني ترميم رد، جدوجھد جاري رکڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ جي وڪيل برادري 26۽27هين آئيني ترميمن کي مڪمل طور رد ڪندي اعلان ڪيو آهي تہ آئين جي بالادستي ۽ عدليہ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رھندي.

ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ٻاهران ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو تہ وڪيلن جو هي احتجاج آئين، عدليہ جي آزاد حيثيت ۽ ادارن جي وقار لاءِ آهي.

عامر نواز وڙائچ موجب ڪنوينشن کي روڪڻ ۽ پوليس جي رويي خلاف سومر ڏينهن پوري سنڌ ۾ وڪيل عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪندا.

ڪراچي بار جي صدر چيو تہ 13 ڊسمبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار، ڪراچي بار ۽ ملير بار جي چونڊون ٿي رھيون آهن، ساڳئي ڏينهن سوين نوجوان وڪيلن جا ججن لاءِ انٽرويو پڻ ٿيڻا آهن، تنهن ڪري احتجاجي حڪمت عملي اهڙي ريت رکي وئي آهي جو نوجوان وڪيلن جي مستقبل کي ڪو نقصان نہ رسي.

عامر نواز وڙائچ چيو تہ 13 ڊسمبر کان پوءِ 26 ۽ 27 آئيني ترميمن خلاف ايندڙ لائحہ عمل جو اعلان ڪيو ويندو .

عامر نواز وڙائچ چيو ته صوبي جي سڀني بار ايسوسيئيشنز کي پنهنجي مشاورت سان پنهنجا احتجاج جاري رکڻ گهرجن.

ان کان اڳ سٽي ڪورٽ کان سنڌ هاءِ ڪورٽ تائين وڪيلن پاران صدر ڪراچي بار جي اڳواڻي ۾ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، پوليس پاران وڪيلن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

جڏھن تہ پوليس پاران روڪڻ تي وڪيلن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون، وڪيل رنڊڪون ٽوڙي نيون بار پھتا  تہ انتظامہ پاران بار روم جي بجلي بند ڪئي وئي، جنھن بعد وڪيلن ھاءِ ڪورٽ بار ٻاھران ڪنوينشن منعقد ڪيو.

ڪنوينشن ۾ عامر نواز وڙائچ، سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري سرفراز مرزا، سنڌ بار جو وائيس چيئرمين، سنڌ بار ڪائونسل  جي وائس چيئرمين، عابد زبيري سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عابد زبيري، سينيئر وڪيل صلاح الدين احمد، وھاب بلوچ، شھاب سرڪي، سنڌ بار جي ميمبرن ۽ وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں