ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهہ چيو آهي تہ وڪيلن کي آئيني عدالت نہ پئي وڻي، وڪيلن جو ڪم دليل ڏيڻ آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو تہ اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي وسيلن کي گڏ ڪري ڪم ڪندا آهيون، جنهن تحت پرائيويٽ سيڙپڪاري بہ ايندي آهي، ماڻهن جو خيال هو تہ ٿرڪول ڪنهن ڪم جو ناهي، پر اڄ ڏسو تہ اتي ڪم ٿي رھيو آهي.
هن چيو تہ جيئن ٿرڪول تي ماڻهن کي قائل ڪيو ويو، ايئن ڪارونجهر تي بہ قائل ڪبو، ٿرڪول جي بہ مخالفت ڪئي وئي هئي، پر اسان ماڻهن کي قائل ڪيو.
هن چيو تہ ڪارونجهر اسان جو اثاثو آهي ۽ ان کي نقصان پهچڻ نہ ڏينداسين، جيڪو ترقي جي راهہ ۾ رنڊڪ بڻجندو، ان کي قائل ڪنداسين.
وڏي وزير چيو تہ آئيني عدالتن جي جوڙجڪ وارو معاملو ضروري هو، 27هين ترميم ذريعي اهو حل ڪيو ويو. وڪيلن کي آئيني عدالت نه پئي وڻي، پر وڪيلن جو ڪم دليل ڏيڻ آهي.
هن چيو تہ سينئر وڪيل مضبوط دليلن سان قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، روڊ تي اچي احتجاج ڪرڻ سمجهہ کان ٻاهر آهي، احتجاج عوام کي تڪليف ڏيڻ درست ناهي.
هڪ سوال تي مراد علي شاهہ چيو تہ بلدياتي ايڪٽ ۾ ترميم تي ڳالهہ ٻولهہ جاري آهي، ڪنهن جي دٻاءُ هيٺ ڪم ناهيون ڪندا، اين ايف سي واري معاملي تي اسان جا خدشا آهن ۽ ان بابت وزيراعظم سان ڳالهيون ڪندا آهيون.
ان کان اڳ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو تہ ڪراچي اڄ سمنڊ ڪناري پاڪستان جي سفارتي راڄڌاني بڻجي چڪي آهي، ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ قونصليٽ ۽ عالمي ادارا موجود آهن، ڪراچي جو مزاج عالمي، رواداري ۽ سفارتي سرگرمين لاءِ موزون آهي.
هن چيو تہ پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي هٿن ۾ آهي، نوجوان سنڌ جي سفارتي روايت کي اڳتي وڌائين، عالمي دوستي، ثقافتي هم آهنگي ۽ مهمان نوازي پاڪستان جي سڃاڻپ آهي.
هن وڌيڪ چيو تہ انڊسٽريز جي ترقي نہ ٿيڻ سبب پڙھيل لکيل ماڻهو ٻاهر وڃي رھيا آهن، اسان کي سنڌ جي عوام لاءِ گڏجي بهتر ماحول پيدا ڪرڻو آهي، ڪوشش آهي تہ اسان جو ٽيلنٽ ملڪ ڇڏڻ تي مجبور نہ ٿئي……