وڏي وزير ڪراچي ۾ صنعتي انفرا اسٽرڪچر لاءِ 9 ارب 28 ڪروڙ 20 لک رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهہ ڪراچي جي صنعتي علائقن ۾ روڊن ۽ لاڳاپيل بنيادي ڍانچي جي فوري مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ 9 ارب، 28ڪروڙ 20 لک رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.

وڏي وزير جي صدارت ھيٺ صنعتي تنظيمن جي نمائندن جواعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صنعت واري صوبائي وزير ڄام اڪرام اللھ ڌاريجو، چيف سيڪريٽري، ميئر ڪراچي، وڏي وزير جي سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي، صنعت واري ايڊيشنل سيڪريٽري طارق قريشي، زبير موتي والا، ڪراچي انڊسٽريل ٽريڊِرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين زاھد سعيد، ڪراچي انڊسٽريل اينڊ ٽريڊرز ايسوسيئيشن جو صدر محمد اڪرام ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تہ چاھيان ٿو تہ سومر کان ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن ۽ 6 مھين اندر مڪمل ڪيا وڃن تہ جيئن صنعتي علائقن لاءِ اھڙي نوعيت جو ھڪ ٻيو پيڪج بہ ڏنو وڃي.

وڏي وزير ڪراچي انڊسٽريل اينڊ ٽريڊرز ايسوسيئيشن، سائيٽ ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري، بن قاسم ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري ۽ لانڍي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري / لانڍي انڊسٽريل ٽريڊ اسٽيٽ جي نمائندن سان گڏ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ شهر جي سمورن صنعتي زونن ۾ بنيادي انفرا اسٽرڪچر جي ترقي ۽ بحالي لاءِ روڊ ميپ کي حتمي شڪل ڏني.

اجلاس کي پھرين مرحلي واري تجويز بابت بريفنگ ڏني وئي، جنهن جي ماليت 9  ارب 28 ڪروڙ 20 لک روپيا آهي ۽ هي ڪراچي جي صنعتي علائقن ۾ روڊن ۽ لاڳاپيل بنيادي ڍانچي جي فوري مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ تيار ڪئي وئي آهي، منصوو وڏي وزير جي هدايتن موجب ڪمشنر ڪراچي جي اڳواڻي ۾ صلاح مشوري کانپوءِ يقيني بڻايو ويو آهي ته جيئن هر زون لاءِ منصفاڻي ۽ ضرورت جي بنياد تي رقم مختص ڪري سگھجي.

وڏي وزير چيو تہ هن اسڪيم جي مالي سهائتا ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ پاران وصول ڪيل انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس مان ڪئي ويندي، جنهن جو وڏو حصو ڪراچي جي صنعتي علائقن مان گڏ ٿيو آهي.

مراد علي شاهہ ڪراچي جي صنعتي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو تہ  بهتر انفرا اسٽرڪچر پيداوار جي صلاحيت، برآمد ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم آهي.

شفافيت ۽ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ تجويز ڏني وئي تI هڪ نگران ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ ناڻي وارو کاتو، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، لوڪل گورنمينٽ، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن، سائيٽ لميٽيڊ جا سينيئر آفيسر، لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر ۽ لاڳاپيل واپارين جا نمائندا شامل ھوندا تہ جيئن عملدرآمد جي نگراني ڪري سگهجي.

اجلاس اتفاقِ راءِ سان ختم ٿيو تہ صنعتي انفراسٽرڪچر جي بروقت بحالي سان ٽرانسپورٽ ۾ بهتري ايندي، ڪاروباري خرچ گهٽ ٿيندو ۽ ڪراچي ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو، جيڪو سنڌ ۽ ملڪ جي معيشت لاءِ اھم آھي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں