صالح پٽ ويجھو ڪھاڙيون ھڻي زخمي ڪيل ڏاچيءَ جو ڪراچيءَ ۾ آپريشن ڪري سندس پوئين ساڄي ڄنگھ ڪٽي وئي آھي، چاندنيءَ جي ڄاڙيءَ جي ھڏي بہ درست ڪئي وئي آھي.
سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي پاران اماڻيل ڏاچيءَ جي ميڊيڪل رپورٽ وڏي وزير کي ملي وئي آھي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تہ ڏاچي چاندني جي حالت خطري کان ٻاھر آھي، وڏي وزير مراد علي شاھ ڏاچيءَ جا زخم ٺيڪ ٿيڻ بعد کيس ھٿرادو ڄنگھ لڳائڻ جون ھدايتون ڏنيون آھن.
رپورٽ موجب زخمي ڏاچي جو آپريشن ڊاڪٽر جاويد کوسو، ذوالفقار اوٺو ۽ ڊاڪٽر علي گوپانگ تي ٻڌل ماھر سرجنن جي ٽيم ڪيو، بنا رت وھڻ جي ڏاچيءَ جي پوئين ساڄي ڄنگھ ڪٽي وئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تہ ڏاچي 3 کان 5 ھفتن ۾ مڪمل طور کائڻ پيئڻ جھڙي ٿي ويندي، سيڪريٽري ڪاظم علي جتوئي جو چوڻ آھي تہ ميڊيڪل ٽيم جو ڌيان ڏاچي کي صحتياب بڻائڻ تي آھي.
ڏاچي سان واقعو ڪيئن ۽ ڪڏھن پيش آيو؟
20 سيپٽمبر تي صالح پٽ پوليس ڳوٺ گگڙو ۾ ڏاچي جي ڄنگھ ڀڃڻ جو واقعو رپورٽ ٿيڻ جي تصديق ڪندي الزام ھيٺ آيل قربان بروھي کي گرفتار ڪيو ھو.

ڳوٺ گگڙو واسي غلام مصطفيٰ شنباڻي جيڪو پاڻ کي ڏاچي جو مالڪ ظاھر ڪري ٿو ھُن پوليس وٽ لکت ۾ شڪايت داخل ڪرائي تہ عمر ملڪ، قربان بروھي ۽ ٻين سندس ڏاچي جيڪا اُنھن جي ٻني تي پاڻي پيئڻ وئي تہ ٽريڪٽر سان ٻڌي گھليندا رھيا بعد ۾ ڪھاڻيون ھڻي ڄنگھ ڀڃي وئي.
الزام ھيٺ آيل ھڪ جوابدار گرفتار
ايس ايڇ او ابوبڪر گبول ڪنڌرا ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو تہ ڪيس ۾ نامزد ھڪ شخص قربان بروھي کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جنھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ بہ ڇاپا ھنيا پيا وڃن..
ايس ايڇ او ٻڌايو تہ ڳوٺاڻي غلام مصطفيٰ شنباڻي ڪيس داخل ڪرايو تہ عمر ملڪ ۽ ٻين ڏاچي جي ڄنگھ ڀڃي ڇڏي آھي، ھن الزام ھنيو تہ جوابدار ڏاچي کي ٽريڪٽر سان ٻڌي گھليندا بہ رھيا..
وڏي وزير جو نوٽيس، زخمي ڏاچي جي علاج جي ھدايت
وڏي وزير مراد علي شاھ ڏاچي جي ڄنگھ ڀڄڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو، مراد علي شاھ ضلعي ڪائونسل سکر جي چيئرمين کي ھدايت ڪئي تہ زخمي ٿيل اُٺ جو علاج ڪرايو وڃي، سندس چوڻ ھو تہ بي زبان جانورن سان اھڙي قسم جو ورتاءُ برداشت نہ ڪيو ويندو..
وڏي وزير مراد علي شاھ جي نوٽيس بعد ڊاڪٽرن جي ٽيم واقعي واري ھنڌ پھچي وئي، ڊاڪٽرن جي ٽيم ڏاچي جو معائنو ڪرڻ بعد رپورٽ پيش ڪندي، ضلعي ڪائونسل سکر جي چيئرمين ڏاچي جي مالڪ سان رابطو ڪري مدد جي خاطري ڪرائي..
ڳوٺ گگڙو واسي غلام مصطفيٰ شنباڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو تہ بااثرن بي زباني جانورن جي ڄنگھ ڀڃي وڏو ظلم ڪيو آھي، پر کين گرفتار نہ پيو ڪيو وڃي، جيڪا سراسر ناانصافي آھي.
ھنن چيو تہ بااثر عمر ملڪ نوڪرن سان گڏجي ڏاچي کي ٽريڪٽرسان ٻڌي گھليندا بہ رھيا، کين قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي
الزام ھيٺ آيل شخص جو موقف
ڊبليو ٽي اين الزام ھيٺ آيل شخص عمر ملڪ سان رابطو ڪيو، جنھن ٻڌايو تہ ڏاچي ڇِتي ٿي پئي ھئي، ان زمين تي ويٺل سندس ملازمن مٿان حملو ڪيو، ملازمن پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن دوران ڏاچي جي ڄنگھ ڀڄي پئي، سندس چوڻ ھو تہ ھن ڏاچي جي مالڪن سان رابطو ڪيو آھي، جلد مسئلو حل ٿي ويندو.