وڏي وزير ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي ايِ چالان سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

وڏي وزير مراد علي شاھ ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي ايِ چالان نظام جو افتتاح ڪندي چيو آھي تہ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙيون ھاڻي جديد ڪئمرائن ذريعي رڪارڊ ٿينديون.

ڪراچي ايِ ٽڪٽنگ جي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تہ رڪشا، گاڏي ۽ موٽرسائيڪل سميت ھر ڪو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رھيو آھي، سنڌ ۾ ڊجيٽل شفافيت ۽ جديديت طرف ٽريڪ اھم قدم آھي.

هن چيو تہ جديد اي- ٽڪٽنگ سسٽم سان انساني مداخلت ۽ جانبداري جو خاتمو ٿيندو، شهرين جي بهتر خدمت ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي رھيا آهيون۔

وڏي وزير چيو تہ منصوبي تحت ڪئمرائن جو انگ 12 هزار تائين وڌايو ويندو، جڏھن تہ عوامي رھنمائي ۽ سهولت لاءِ ٽريڪ مرڪز قائم ڪيا ويا آهن۔

مراد علي شاهہ چيو آهي تہ هن وقت 10 هزار کان وڌيڪ ھيوي گاڏين  تي ٽريڪرز لڳل آھن ۽ ٽريڪرز تحت 30 ڪلوميٽر کان وڌيڪ رفتار تي چالان جاري ٿيندو.

مراد علي شاھ چيو تہ شھري ايِ ٽڪٽ جي وضاحت يا اپيل لاءِ ٽريڪٽس سينٽر تي رابطو ڪري سگھن ٿا، عوامي رھنمائي لاءِ ٽريڪ مرڪز قائم ڪيا ويا آھن، ان ذريعي پنھنجي شھرين جي بھتر خدمت ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي رھيا آھيون..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں