وڏي وزير مراد علي شاھ ڪلري بگهار فيڊر، حب ڊيم ۽ آر بي او ڊي ڊرينج سسٽم کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ فنڊز جو وقت سر جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آھي.
وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ ڪراچي ۾ پاڻي بحران کي منھن ڏيڻ بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو ، جنھن ۾ صوبائي وزير ناصر شاھ، ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تہ سنڌ حڪومت شھرين جي پاڻي واري ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ منصوبي تي ڪم ڪري رھي آھي.
ھن چيو تہ ڪراچي ۾ پاڻي جي فراھمي يقيني بڻائي ويندي، ڪي فور منصوبي ذريعي شھر کي روزناو 260 ملين گيلن پاڻي ملندو.
سندس چوڻ ھو تہ ڪي فور منصوبي تحت ڪينجھر ڍنڍ مان ڪراچي کي پاڻي ملندو.
وڏي وزير مراد علي شاھ ڪي فور منصوبي بابت اڳڀرائي جو جائزو بہ ورتو.
اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاھ کي منصوبي ۾ ٿيل اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.
وڏي وزير چيو تہ ڪي فور منصوبي جو ڪم تيزي سان اڳتي وڌي رھيو آھي. وڏي وزير مراد علي شاھ طرفان حب ڊيم جي سار سنڀال لاءِ فنڊز جي منظوري ڏني وئي.