وڏي وزير جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس، اھم منظوريون

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سيد مراد علي شاه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، مشيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

ڪابينا ڪراچي شهر جي روڊ جي بحالي لاءِ 8 ارب 53 ڪروڙ رپين، گل پلازا سانحي جي متاثرن لاءِ 7 ارب رپين جي معاوضي، آءِ آءِ چندريگر روڊ تي تاريخي عمارت جي محفوظ بڻائڻ لاءِ 1 ارب 57 ڪروڙ رپين ۽ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ 5 ارب 20 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني.

ڪابينا پاران ڪچي وارن علائقن ۾ آپريشن لاءِ سنڌ پوليس کي 56 ڪروڙ رپيا فراهم ڪرڻ ۽ پيپلز آءِ ٽي پروگرام فيز ٽو تحت نوجوانن جي تربيت لاءِ 90 ڪروڙ رپين جي بہ منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز کي خصوصي مجسٽريٽ اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، کين پرائس ڪنٽرول ايڪٽ تحت فوري ڏنڊ ۽ ڪارروائي جا اختيار بہ ڏنا ويا

وڏي وزير هدايت ڪئي تہ رمضان المبارڪ دوران سرڪاري اگهن تي سختي سان عمل ڪرائڻ يقيني بڻايو وڃي، منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف بنادير ڪارروائي ڪئي وڃي.

چيف سيڪريٽري موجب رمضان دوران 870 دڪانن جي چڪاس ڪري 24 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ لاڳو ڪيا ويا آهن.

وڏي وزير چيو تہ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي ۽ مهانگائي ڪنهن بہ صورت برداشت نہ ڪئي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں