ڪراچي: وڏي وزير جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا ڪيترين ئي اهم پاليسين ۽ منصوبن جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي۔
گل پلازہ سانحو:
ڪابينا اجلاس جي شروعات گل پلازا سانحي ۾ فوت ٿيلن جي ثواب لاءِ دعا سان ڪئي وئي، وڏي وزير چيو تہ سانحي تي کيس گهرو ڏک ۽ صدمو پهتو آهي، سنڌ حڪومت متاثرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ متاثر خاندانن کي هر صورت ۾ بحال ڪيو ويندو۔
سنڌ ڪابينا گل پلازا سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ متاثرن لاءِ وڏي وزير جي سربراھي ۾ سب ڪميٽي قائم ڪئي وئي، سب ڪميٽي ۾ صوبائي وزير شرجیل ميمن، ناصر حسين شاهہ، سعيد غني ۽ ضياءُ الحسن لنجارشامل آهن.
سب ڪميٽي، ڪميشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ قائم ڪيل انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺندي ۽ رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي ۽ لائحہ عمل جو فيصلو ڪندي.
ڪابينا متاثرن لاءِ معاوضي جي منظوري پڻ ڏني آهي
سانحي جي شهيدن جي وارثن کي هڪ-هڪ ڪروڙ رپيا ادا ڪيو ويندو، متاثر دڪاندارن کي 5-5 لک رپيا خرچن لاءِ ڪمشنر جي ذريعي ڏنا ويندا.
متاثر دڪاندارن کي هڪ هڪ ڪروڙ رپيا بغير وياج جي قرض فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو دڪاندارن کي ٻيهر ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو.
ڪابينا موجب سڀني متاثر دڪاندارن کي ٻن مهينن اندر ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ دڪان جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
وڏي وزير چيو تہ اسان سڀني جي ذميواري آهي تہ متاثرن کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيون ۽ دڪاندارن جي تحفظ ۽ سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
سنڌ ڪابينا گذريل اجلاس جي منٽس جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي۔
سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ اھم منظوريون :
اجلاس ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي گورننگ باڊي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي، جڏھن تہ بورڊ کي رجسٽرڊ مزدورن جي فلاحي اسڪيمن لاءِ ٻيهر فعال ڪيو ويو۔
ڪابينا حيدرآباد ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽ لڳائڻ لاءِ ٻيلي کاتي جي 100 ايڪڙ زمين ميونسپل ڪارپوريشن حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني۔
سماجي ڀلائي واري کاتي ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس وچ ۾ ٿيل معاهدي ۾ ٻن سالن جي واڌ جي منظوري پڻ ڏني وئي، ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي تہ اينٽي نارڪوٽڪس فورس سنڌ حڪومت جا 3 مرڪز هلائي رھي آهي، جن کي 2027ع تائين هلائڻ جي منظوري ڏني وئي۔
سنڌ ڪابينا وڏن ٽرانسپورٽ انفرا اسٽرڪچر منصوبن جي لاڳت ۾ نظرثاني جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ بي آر ٽي يلو لائن جي لاڳت وڌائي 620 ملين ڊالر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي۔
وڏي وزير ٻڌايو تہ بي آر ٽي يلو لائن لاءِ ورلڊ بينڪ 155.3 ملين ڊالر جڏھن تہ سنڌ حڪومت 18.04 ملين ڊالر فراهم ڪندي۔
هن چيو تہ بي آر ٽي يلو لائن 21 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي ۽ ان کي ڊسمبر 2028ع تائين مڪمل ڪيو ويندو۔
ڪا بينا ملير ڊپو لاءِ پي ٽي سي ايل کان زمين حاصل ڪرڻ واسطي 300 ملين رپين جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي.
ڪابينا رينيوبل انرجي ڪمپني بند ڪرڻ واري فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي
ڪابينا کي آگاهہ ڪيو ويو تہ سال 2012ع ۾ رينيوبل انرجي ڪمپني قائم ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ 101 ملين رپين کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي۔
ٻڌايو ويو تہ ڪمپني جا سمورا فنڪشنز هن وقت انرجي کاتو هلائي رھيو آهي، انڪري هاڻي ڪمپني جي وڌيڪ ضرورت ناهي۔
سنڌ ڪابينا لياري ايڪسپريس وي جي 53 متاثرن کي معاوضو ڏيڻ يا نہ ڏيڻ واري معاملي تي مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
ڄاڻايل ڪميٽي معاملي جو جائزو وٺڻ کان پوءِ سنڌ ڪابينا کي رپورٽ پيش ڪندي.
ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي تہ متاثرن 315 ملين رپين جي معاوضو لاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.
سنڌ ڪابينا جو چوڻ آھي تہ لياري ايڪسپريس وي وفاق جو منصوبو هو، تنهنڪري جيڪڏھن دعويدار پنهنجو موقف صحيح ثابت ڪن ٿا تہ پوءِ سنڌ سرڪار ڪنهن طريقي سان معاوضو ڏئي سگهي ٿي.
سنڌ ڪابينا مڪاني کاتي جي 19 ملين رپين کان وڌيڪ خرچ وارن 6 منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي
ڄاڻايل منصوبن ۾ ايم نائن کان جناح ايوينيو تائين روڊ، ملير کان شاھراھ فيصل تائين روڊ، ملير هالٽ ويجهو رائٽ ٽرن انڊر پاس، پرنٽنگ پري کان شاھراھ فيصل روڊ ۽ شاھراھ فيصل تي ايئرپورٽ روڊ کان اسٽار گيٽ تائين فلائي اوور شامل آھن.
ڪابينا دملوٽي کان ڊي ايڇ اي تائين واٽر پمپ لائن منصوبو ايف ڊبليو او کي ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي، منصوبو مڪمل ٿيڻ بعد ايف ڊبليو او 36 ڪلوميٽر ڊگھي واٽر سپلائي لائن وڇائيندي…..