لائیو وڏي وزير جي صدارت هيٺ سبسڊي ۽ رليف پيڪيج بابت اهم اجلاس

فہرستِ مضامین

ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهہ جي صدارت هيٺ سبسڊي ۽ عوامي رليف بابت هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيٽرول جي وڌندڙ اگهن جي تناظر ۾ رليف پيڪيج جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سميت شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهہ، مڪیش ڪمار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري آءِ پي سي آصف اڪرام، ناڻي وارو سيڪريٽري فيض جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو تہ پيٽرول جي وڌندڙ اگهن سبب عوام تي پوندڙ بار کي گهٽائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.

هن چيو تہ ٽرانسپورٽرن کي رليف پيڪيج ڏيڻ جو بنيادي مقصد ڀاڙن ۾ اضافو روڪڻ آهي تہ جيئن عام ماڻهو کي سڌي ريت فائدو ملي.

سيد مراد علي شاهہ وڌيڪ چيو تہ خطي جي موجودہ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ضروري آهي تہ عوام بہ حڪومت سان سهڪار ڪري، هن زور ڏنو تہ سادگي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

وڏي وزير بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي بچت تي خاص زور ڏيندي چيو تہ وسيلن جو ذميواراڻو استعمال ئي موجودہ چئلينجز جو حل آهي.

هن چيو تہ عوام باشعور آهي ۽ حالتن کي سمجهي ذميواري جو مظاهرو ڪري رھيو آهي. اجلاس دوران رليف پيڪيج جو جائزو وٺندي لاڳاپيل کاتن کي هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون تہ جيئن جلد کان جلد عملي قدم کنيا وڃن ۽ عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں