آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي تہ آمريڪا ايران خلاف وڏو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي۔
صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو تہ اسان جو مقصد ايراني حڪومت کان ايندڙ خطرن کي ختم ڪري آمريڪي عوام جو دفاع ڪرڻ آهي۔
آمريڪي صدر چيو تہ ٿوري دير اڳ آمريڪي فوج ايران خلاف وڏو فوجي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايران جوھري هٿيار نٿو رکي سگهي، اسان ايران جي ميزائل نظام ۽ ميزائل انڊسٽري تباهہ ڪري ڇڏينداسين ۽ اسان ايران جي سامونڊي فوج کي ختم ڪرڻ وڃي رھيا آهيون۔
ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو تہ اسان يقيني بڻائينداسين تہ ايران جوھري هٿيار حاصل نہ ڪري سگهي، آمريڪا خطي ۾ موجود آمريڪي اهلڪارن لاءِ خطري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو آهي۔
صدر ٽرمپ ايراني پاسدارانِ انقلاب کان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو تہ اوھان سان سان سٺو سلوڪ ڪيو ويندو، يا اوھان کي يقيني موت کي منهن ڏيڻو پوندو۔
ياد رھي تہ آمريڪا ۽ اسرائيل گڏيل طور تي ايران تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آھن
آمريڪا طرفان ھوائي ۽ سمنڊ مان ايران تي حملا ڪيا پيا وڃن، جڏھن تہ اسرائيل طرفان بہ ايران خلاف ھوائي ڪارروائي جاري آهي۔
آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران جي گادي واري هنڌ تھران، اصفھان، تبريز، قم ۽ ڪرج ۾ حملا ڪيا ويا
ايران آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کانپوءِ پنهنجي ھوائي حدون هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل کي سخت ترين ردعمل لاءِ تيار رھڻ جو چيو آهي۔