پنجاب جي مختلف ضلعن ۾5 سيپٽمبر تائين برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاھر ڪيو ويو آھي.
پي ڊي ايم اي پنجاب جو چوڻ آھي ته پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ اڄ کان 5 سيپٽمبر تائين برسات وسي سگھي ٿي، جنھن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آھي، انتظاميه کي اڳواٽ ئي قدم کڻڻ گھرجن.
پي ڊي ايم اي پنجاب موجب چناب درياھه ۾ مرالا ھيڊ ورڪس وٽ وھڪرو 4 لک 68 ھزار ڪيوسڪس تائين پھتو آھي.
خانڪي وٽ 3 لک 39 ھزار 470 ڪيوسڪس، قادرآباد وٽ2 لک 32 ھزار 450 ڪيوسڪس ۽ ترميون ھيڊ ورڪس وٽ وھڪرا 3 لک 55 ھزار 744 ڪيوسڪس تائين پھچي ويا آھن.
پي ڊي ايم اي موجب راوي درياھه ۾ سيفون وٽ 54 ھزار 190 ڪيوسڪس ۽ شاھدرھه وٽ 53 ھزار 655 ڪيوسڪس تائين پھچي ويو آھي.
پي ڊي ايم اي جو چوڻ ھو ته صوبي جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب ندي نالن ۾ چاڙھه ۽ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو به خدشو آھي.