اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آھي تہ وڌيڪ آبادي مسئلن ۽ غربت جو سبب بڻجندي آھي، ترقي جي رفتار لاءِ آبادي تي ڪنٽرول اڻٽر آھي.
پاپوليشن ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو تہ وڌندڙ آبادي سبب مسئلا جنم وٺندا آھن، کين آبادي جي حساب سان وسيلن جو انتظام ڪرڻو ھوندو آھي، وڌيڪ آبادي مسئلن ۽ غربت جو سبب بڻجي ٿي.
محمد اورنگزيب چيو تہ معيشت بھتري جي دڳ تي آھي، آبادي ۽ معيشت ھڪٻئي سان جڙيل چيلينج آھن، پائيدار معاشي ترقي لاءِ آبادي تي ڪنٽرول اڻٽر آھي.
ھن چيو تہ موسمياتي تبديلي بہ ھڪ وڏو چئلينج آھي، حڪومت جو ڌيان ماحول دوست معيشت تي آھي. ھن چيو تہ ڪچيون آباديون بہ مسئلن جو سبب بڻجن ٿيون، ڪچي آبادين بابت ڪا بہ ڊيٽا حڪومت وٽ موجود ناھي ھوندي، ترقي جي رفتار وڌائڻ لاءِ آبادي تي ڪنٽرول اڻٽر آھي..