لائیو وچ اوڀر ۾ جنگ ترقي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ مهانگائي ۾ اضافي جو سبب بڻجندي: آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر

فہرستِ مضامین

عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي مئنجينگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا جو چوڻ آھي تہ وچ اوڀر ۾ جنگ  معاشي ترقي ۾ گھٽتائي ۽ مھانگائي ۾ اضافي جو سبب بڻبي.

ھڪ خابرو اداري سان ڳالھائيندي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي چيو تہ جيڪڏھن ھي جنگ نہ لڳي ھا تہ سندن ڪاٿي موجب معاشي ترقي جي شرح ۾ ٿورو اضافو ممڪن ھو، هاڻي سڀئي رستا مهانگائي، قيمتن ۾ واڌ ۽ سست شرح ڏانهن وڃن ٿا۔

ڪرسٽالينا جارجيوا جو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن جنگ ڊگھي ٿي تہ مھانگائي ۽ معاشي ترقي کي گھڻو اثر پوندو، آءِ ايم ايف کي ڪجھ ملڪن پاران مالي مدد جون درخواستون مليون آھن.

آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو تہ آءِ ايم ايف ملڪن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ قرض ڏيڻ جا موجودہ ڪجھ پروگرام وڌائي سگھي ٿو…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں