ويسٽ انڊيز خلاف سيريز: قومي ٽيم جو ٻيو جٿي به آمريڪا پهچي ويو

فہرستِ مضامین

ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ٻيو جٿو به ميامي لاڊرهل پهچي ويو آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي 20 ميچز تي ٻڌل سيريز 31 جولاءِ کان لاڊرهل ۾ شروع ٿيندي، سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ 2 گروپس جي صورت ۾ دبئي رستي آمريڪا پهچي ويو آهي.

امريڪا پهتل قومي اسڪواڊ جي ٻئي جٿي ۾ فاسٽ بالرز شاهين شاهه آفريدي ۽ حارث رئوف، وڪيٽ ڪيپر بئٽسمين محمد حارث، حسين طلعت، حسن نواز، اوپنر بڳٽر صاحبزاده فرحان، ڪوچز ۽ سپورٽ اسٽاف شامل آهن، پهرين مرحلي ۾ ڪيترين ئي رانديگرن ڍاڪا رستي دبئي ميامي پهتا هئا.

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جو پهريون مقابلو 31 جولاءِ تي لارڊر هل ۾ کيڏيو ويندو، سيريز جو ٻيو دنگل 2  ۽ آخري ميچ 3 آگسٽ تي شيڊول آهي.

ويسٽ انڊيز خلاف قومي ٽي 20 اسڪواڊ

مختصر فارميٽ (ٽي ٽوئنٽي) لاءِ 15 رڪني قومي اسڪواڊ ۾ حارث رئوف، حسن علي، شاهين شاهه آفريدي، فهيم اشرف، فخر زمان، خوشدل شاهه ۽ حسين طلعت شامل آهن، جڏهن ته محمد نواز، حسن نواز، صائم ايوب، ابرار احمد، صاحبزادو فرحان، محمد حارث، سفيان مقيم به ٽيم جو حصو آهن.

قومي ون ڊي اسڪواڊ

ويسٽ انڊيز خلاف پاڪستان جي 16 رڪني اسڪواڊ ۾ محمد رضوان کي ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ نائب ڪپتان سلمان علي آغا، بابر اعظم، عبدالله شفيق، فهيم اشرف، فخر زمان، حسن علي ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهن.

ان کانسواءِ نسيم شاهه، صائم ايوب، حسين طلعت، محمد نواز، حسن نواز، ابرار احمد، محمد حارث ۽ سفيان مقيم به ون فارميٽ جي ٽيم ۾ شامل آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں