ويرات ڪوھلي ۽ رتراج گيڪواڊ جون سينچريون لڙھي ويون، ٻي ون ڊي ۾ ڏکڻ آفريقا ھٿان ڀارت کي شڪست

فہرستِ مضامین

راجپور: ڏکڻ آفريقا ڀارت کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي.

راجپور ۾ ڏکڻ آفريقا ٽاس کٽي پھرين بالنگ ڪئي ۽ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارتي ٽيم ويرات ڪولھي ۽ رتراج گيڪواڊ جي سينچرين جي مدد سان 5 وڪيٽن جي نقصان تي 358 رنسون ٺاهيون.

گيڪواڊ 105 ۽ ڪولھي 102 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏھن تہ ڪپتان ڪي ايل راهول 66 رنسون ٺاهيون.

ڏکڻ آفريقا طرفان مارڪو جينسن 2، ناندري برگر ۽ لنگي نگيڊي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي، جواب ۾ ڏکڻ آفريقا گهربل هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي 49.2 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.

ايڊن مارڪرم 110 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي، بريٽزڪي 68، بريوس 54، ڪپتان ٽيمبا باووما 46، ڪوربن بوش 26 رنسون ٺاهيون.

ڀارت طرفان ارشديپ سنگهہ ۽ ڪرشنا 2-2، هرشت رانا ۽ ڪلديپ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
ٻنهي ٽيمن ۾ آخري ون ڊي ميچ 6 ڊسمبر تي کيڏي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں