وفاقي گھرو وزير محسن نقوي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري وفاقي حڪومت جو پيغام پھچايو.
بلاول ھائوس جي ترجمان موجب، وفاقي گھرو وزير محسن نقوي بلاول ھائوس ڪراچي پھچي بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ملڪ جي سياسي ۽ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالھيون ڪيون ويون.
ذريعن موجب، محسن نقوي وفاقي حڪومت جو اھم پيغام پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پھچايو ھو.
واضح رھي پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي 18 آڪٽوبر تي ٿيل اجلاس ۾ وفاقي حڪومت کي واعدا پورا ڪرڻ لاءِ ھڪ مھيني جو وقت ڏنو ويو ھو.