وفاقي ڪابينا ٽي ايل پي تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.

فہرستِ مضامین

وزيراعظم جي صدارت ھيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پنجاب حڪومت جي سفارشن تي غور ڪيو ويو.

اجلاس دوران مذھبي تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي جي منظوري ڏني وئي.

پنجاب حڪومت پاران ٽي ايل پي تي پابندي جي سفارش ڪئي وئي ھئي.

ڪابينا ھدايت ڪئي تہ وفاقي گھرو وزارت ٽي ايل پي تي پابندي لاءِ ضابطا مڪمل ڪري.

رضوي ڀائرن جي گرفتاري انساني جانين جي تحفظ تي ڪرڻي آھي: عظميٰ بخاري

پنجاب حڪومت پاران رضوي ڀائرن کي گرفتار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، پنجاب جـِي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آھي تہ رضوي ڀائرن جي گرفتاري انساني جانين جي تحفظ تي ڪرڻي آھي.

ھن چيو تہ ٻنھي ڀائرن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو تہ جٿن کي رياستي رٽ چيلين ڪرڻ نہ ڏني ويندي، مذھبي جماعت تي پابنديءَ جو فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي.

پنجاب حڪومت جي سفارش ۾ ڇا ھو؟

پنجاب ڪابينا منظوري ڏني ته “رياست جي رِٽ ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي تحريڪِ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تي پابندي لڳائي وڃي.

هي فيصلو پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي صدارت هيٺ امن ۽ امان بابت اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن جا تفصيل وزيراعليٰ جي سرڪاري واٽس اپ گروپ ذريعي شيئر ڪيا ويا آھن.

ان حوالي سان شيئر ڪيل تفصيلن موجب صوبي ۾ نفرت ۽ وڳوڙ پکيڙِندڙن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي فوري گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته پوليس آفيسرن جي قتل ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ وارن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا.

حڪومت جو چوڻ آهي ته ٽي ايل پي، جنهن کي سرڪاري پڌرائي ۾ انتها پسند جماعت ڪوٺيو ويو ويو آهي، جي قيادت کي دهشتگردي ايڪٽ جي چوٿين شيڊول ۾ شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته جماعت جي سڀني ملڪيتن ۽ اثاثن کي محکمه اوقاف ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.

پنجاب حڪومت فيصلو ڪيو آھي تہ صوبي ۾ ٽي ايل پي جي پوسٽرز، بينرز ۽ اشتھارن تي مڪمل طور تي پابندي ھوندي، ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سخت ايڪشن ٿيندو.

حڪومت جو چوڻ آهي ته نفرت پکيڙيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس بند ڪيا ويندا ۽ جماعت جا سڀ بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويندا.

ماضي ۾ ٽي ايل پي تي پابندي جي ڪوشش

هي پهريون ڀيرو ناهي جو تحريڪِ لبیڪ پاڪستان تي حڪومت پابندي لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ھجي، ان کان اڳ اپريل 2021 ۾ تحريڪِ لبیڪ پاڪستان جي پرتشدد مظاهرن ۽ احتجاج کانپوءِ، ان وقت جي پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت تنظيم تي 1997 جي دهشتگردي ٽوڙ قانون تحت پابندي لڳائي هئي ۽ جماعت جي قيادت تي عوام کي رياست خلاف ڀڙڪائڻ جهڙا سنگين ڪيس داخل ڪيا هئا.

پي ٽي آئي حڪومت ٽي ايل پي خلاف دهشتگردي ٽوڙ قانون 1997 جي رول 11 تحت پابندي لڳائي هئي، جنهن لاءِ  ڪابينا جي منظوري ضروري هوندي آهي. ان وقت جي حڪومت پڻ اهو قدم پنجاب حڪومت جي سفارش تي کنيو هو.

ان وقت جي وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد احمد ٽي ايل پي کي ڪالعدم تنظيمن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو، جنهن سبب جماعت جا بينڪ اڪائونٽس ۽ اثاثا منجمد ڪيا ويا هئا. جماعت کي پرڏيهي ملڪن کان ملندڙ فنڊنگ جو پتو لڳائڻ لاءِ بہ به لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون هيون.

پر بعد ۾ هڪ منصوبابندي تحت، انهي ئي سال نومبر ۾ حڪومت تحريڪِ لبیڪ تي پابندي ختم ڪري ڇڏي هئي.

ڪهڙي قانون تحت تحريڪِ لبیڪ تي پابندي لڳي سگهي ٿي؟

وفاقي حڪومت ٽي ايل پي خلاف اينٽي دهشتگردي قانون 1997 جي شق نمبر 11B تحت پابندي لڳائي سگهي ٿي.

ان لاءِ وفاقي ڪابينا جي منظوري ضروري هوندي آهي، جڏهن ته گھرو وزارت کي اها ذميواري ڏني ويندي آهي ته جماعت خلاف ثبوت گڏ ڪري سپريم ڪورٽ کي ريفرنس موڪلي.

وفاقي حڪومت کان ريفرنس ملڻ جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ کي هڪ مهيني اندر فيصلو ڪرڻو پوندو.

جڏهن ڪنهن جماعت يا تنظيم تي پابندي لڳائي ويندي آهي، ته ان کي فرسٽ شيڊول جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو آهي ۽ فهرست ۾ شامل تنظيم جا سڀ سياسي آفيس بند ڪيا ويندا آهن، ۽ انهن مان سڀ آفيس رڪارڊ ۽ مواد ضبط ڪيو ويندو آهي.

تنظيم جا سڀ مالي اثاثا منجمد ڪيا ويندا آهن. تنظيم کي چونڊ يا ڪنهن ٻئي سياسي سرگرمي ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه هوندي ۽ نه ئي تنظيم ڪنهن فلاحي يا مذهبي مقصد لاءِ مالي امداد گڏ ڪري سگهي ٿي.

ميڊيا تنظيم يا ڪو به شخص جيڪو ڪالعدم تنظيم جو پيغام پکيڙڻ ۾ مدد فراھم ڪندو، ان خلاف پڻ ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.

سياسي پارٽي ايڪٽ 2017 ۾ به ڪنهن سياسي جماعت تي پابندي لڳائڻ جو طريقو بيان ڪيو ويو آهي.

پاڪستان جي تاريخ ۾ سياسي جماعت تي پابندي

پاڪستان جي تاريخ ۾ اڃا تائين صرف هڪ سياسي جماعت، نيشنل عوامي پارٽي تي پابندي لڳي آهي. نيشنل عوامي پارٽي کي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ پابندي لڳائي وئي هئي،  ان کان سواءِ  ڪنهن به سياسي جماعت تي پابندي لڳائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس نه موڪليو ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں