وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ٻيھر ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ شيڊول ٿيل مڪاني چونڊون ٻيهر ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو مختصر اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 3 ڊسمبر ۽ 30 ڊسمبر وارن اجلاسن جي فيصلن جي واڌ ڪئي وئي۔

ذريعن موجب، ڪابينا اجلاس ۾ وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ مڪاني چونڊن بابت نئين قانونسازي تي غور ڪيو ويو، جڏھن تہ اسلام آباد جي چيف ڪمشنر طرفان وفاقي ڪابينا کي مڪاني چونڊن بابت بريفنگ ڏني وئي۔

ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا چيف ڪمشنر اسلام آباد جي بريفنگ کانپوءِ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ٻيهر ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔

ذريعن اهو بہ ٻڌايو آهي تہ ڪابينا اسلام آباد ۾ پنجاب طرز جي مڪاني چونڊن لاءِ قانونسازي جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔

ياد رھي تہ اليڪشن ڪميشن اسلام آباد جي مڪاني چونڊن لاءِ 15 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪئي هئي، جڏھن تہ 16 فيبروري کان 19 فيبروري تائين نتيجا جاري ڪرڻا ھئا….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں