وفاقي وزير عطا تارڙ طرفان خيبرپختونخوا حڪومت تي ٽي ٽي پي جي سھولتڪاري جو الزام

فہرستِ مضامین

وفاقي وزير عطا تارڙ خيبرپختونخوا حڪومت تي ٽي ٽي پي جي سھولتڪاري جو الزام ھنيو آھي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو تہ 2025 ھر لحاظ سان ڪاميابين جو سال رھيو، فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ پاڪ فوج فتح حاصل ڪئي.

سندس چوڻ ھو تہ ايئر فورس دشمن جا جھاز ڪيرايا، عالمي سطح تي ڳالھيون ٿين ٿيون تہ ڀارت جا 7 جھاز ڪيرايا ويا.

ھن چيو تہ سال 2025 معيشت جي بحالي جو سال ھو، پاڪستان ڊفالٽ ٿي وڃي ھا تہ ڏڦيڙ واري صورتحال پيدا ٿي وڃي ھا، حڪومتي پاليسين تي واپارين ۽ انڊسٽري جو اعتماد آھي.

سندس چوڻ ھو تہ سفارتي سطح تي پاڪستان کي اڪيلو ڪيو ويو، ھاڻي ملڪ ڪاميابيون حاصل ڪري رھيو آھي.

ھن چيو تہ ڪي پي ۾ گورننس ناڪام ٿي چڪي آھي، سھيل آفريدي وٽ ڪو بہ روڊ ميپ ناھي. عطا تارڙ چيو تہ لاھور ۾ عورتن خلاف غلط ٻولي ڳالھائي وئي، عورتن کي ٽارگيٽ ڪرڻ بزدل ماڻھن جو ڪم آھي، بزدل ئي عورتن مٿان حملا ڪندا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں